ماحولياتي تبديلي جا امڪاني اثر

يوسف سيف

گرين هائوس گيسز:

گرين هائوس گيسز ان قدرتي عمل کي چئبو آهي، جنهن ۾ زمين مٿاڇري تي سج مان ملندڙ توانائي کي روڪي وٺي. سج جي روشني زمين سان ٽڪرائڻ کانپوءِ موٽ کائي ٿي. ان دوران روشني/گرمي جو ڪجهه حصو زمين جذب ڪري وٺي ٿي، باقي روشني کي واپس ڪري ٿي، جيڪا فضا ۾ موجود رهي ٿي. اهي ئي گرين هائوس گيسز آهن. سج مان نڪرندڙ گرمي ئي هن ڌرتيءَ تي زندگي جو سبب بڻجي ٿي، ٻي صورت ۾ زمين جو مٿاڇرو 30 درجا وڌيڪ ٿڌو ٿي وڃي ۽ زندگي گذارڻ به مشڪل ٿي پوي. سج جي گرمي زمين جي هيٺين سطح تي موجود هوا کي گرم رکي ٿي. ان سان ئي وڻن، ٽڻن، جانورن ۽ انسانن جي زندگي روان دوان آهي. زمين جي سطح تي ٺهيل مختلف گيسز جي نظر نه ايندڙ ننڍڙي ديوار ۾ هڪ ئي وقت مختلف گيسز جو مجموعو ٺهي ٿو، جنهن ۾ پاڻي جا بخار، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين (ٻارڻ جي ڪم ايندڙ گئس) نائٽرو آڪسائيڊ ۽ اوزون شامل آهن. سج جا ڪرڻا جڏهن زمين سان ٽڪرائي واپس ٿين ٿا ته اهي انهن گيسز سان ملي وڃن ٿا. زمين جي سطح تي مٿي وڃڻ سان اهي گيسز گهٽ محسوس ٿينديون آهن. زمين تان واپس موٽندڙ گرمي کي گرين هائوس گيسز وڌيڪ پکيڙين ٿيون، جنهن سان ڌرتيءَ جي گرمي پد ۾ 33 سيڪڙو اضافو ٿئي ٿو، گيسز جيستائين گهربل مقدار ۾ هيون ته توازن برقرار هو پر هاڻي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان ۾ ٿيندڙ اضافو صورتحال کي وڌيڪ پيچيده ڪري رهيو آهي.

ماهر چون ٿا ته انسان ڪارخانن ۽ زراعت جي ذريعي گرين هائوس گيسز کي فضا ۾ داخل ڪري، قدرتي گرين هائوس گيسز جي اثر کي وڌائي ۽ ڦهلائي رهيو آهي، جنهن ڪري گرمي جو درجو مسلسل وڌي رهيو آهي، ان عمل کي عالمي تپش يا ماحولياتي تبديلي چيو پيو وڃي.

سڀني کان وڌيڪ گرين هائوس گيسز ۾ پاڻي جا بخارات آهن پر اهي فضا ۾ مختصر عرصو يعني ڪجهه ڏينهن ئي رهن ٿا، ان جي ڀيٽ ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گهڻي عرصي تائين موجود رهي ٿي.

انسان قدرتي ڀاڻ ٻاري ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪندڙ ٻيلا، وڻ وڍي فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقدار کي وڌائي رهيو آهي. 1750ع واري صنعتي انقلاب کانپوءِ فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقدار ۾ 30 سيڪڙو ۽ هيٺين جي مقدار ۾ 140 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن وقت فضا ۾ جيتري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ آهي، ايتري گذريل اٺ لک سالن ۾ ڪڏهن به نه رهي آهي.

عام طور تي عالمي سطح تي ٻه ڊگري تپش کي خطرناڪ تبديلي قرار ڏنو پيو وڃي. هاڻوڪي صورتحال ۾ اهو خطرو بهرحال موجود آهي ته گرمي جو درجو وڌندو وڃي، ماهر چون ٿا ته جانورن ۽ وڻن جي روين مان اهڙن آثارن جو خطرو نظر اچي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اڄ گرين هائوس گيسز جي واڌ کي روڪي وٺجي تڏهن پڻ ان جو اثر ڳچ عرصي تائين باقي رهندو. ماحولياتي نظام جي مختلف حصن مثال طور پاڻي ۽ برف جي تهن، گرمي جي درجي کي روڪڻ، بيهارڻ يا نوازن ۾ آڻڻ ۾ وڏو عرصو گهربل هوندو آهي.

گرمي پد وڌڻ جا نتيجا:

مڪمل طور تي نتيجن جي اڳڪٿي ممڪن ئي نه آهي پر ان سان صاف/مٺي پاڻي جي فراهمي ۾ لازمي کوٽ ٿيندي. خوراڪ جي پيداوار ۾ وڏي پئماني تي تبديليون اينديون، ٻوڏن، طوفانن، ڏڪار ۽ گرمي جي لهر سان انساني بقا جو سوال پڻ پيدا ٿيندو. انساني آباديءَ جي وڏي لڏپلاڻ به ٿيندي. موسمن جو گهڻو اثر به اهڙن ملڪن تي وڌيڪ پوندو، جن وٽ وسيلا، تربيت حاصل نه ڪيل آباديون هونديون. موسمي تبديلي سان ڪيترن ئي جانورن ۽ وڻن جو نسل مڪمل ختم ٿيڻ جو به خطرو آهي.

دنيا ۾ تيزي سان بدلجندڙ ماحوليات کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ بار ترقي يافته ملڪن تي پوي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهي ئي صنعتي انقلاب کانپوءِ ماحولياتي بگاڙ جو سبب بڻيا آهن.

عالمي سطح تي اسريل ملڪن جي غير سنجيده روين مان محسوس ٿي رهيو آهي ته اهي ماحولياتي مسئلن جو سمورو وزن اسرندڙ ملڪن تي ڪيرائي رهيا آهن. اڄ نه ته سڀاڻي پر ماحوليات دنيا جو سڀني کان وڏو مسئلو، موضوع هوندو ۽ هر هڪ کي ان لاءِ ذميوار ٿيڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو ان جا اثا هر ڪنهن تي پوڻا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.