پيمرا کي نون ٽي وي چئنلن جا لائسنس جاري ڪرڻ جي اجازت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي داخل درخواست رد ڪندي پيمرا کي نون سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلن جا لائسنس جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله لائسنس جاري ڪرڻ خلاف پي بي اي جي درخواست رد ڪندي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيولٽري اٿارٽي (پيمرا) کي 58 سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلن جا لائنس جاري ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني.

انهن چئنلن ۾ خبرن ۽ حاضر حالتن جا 8 چئنل به شامل آهن، عدالت پيمرا کي موجوده چئنلن جي حقن جي تحفظ جو به حڪم ڏنو.

ان کان اڳ پي بي اي وڪيل فيصل صديق عدالت ۾ دليل پيش ڪندي چيو ته سسٽم ۾ رڳو 80 چئنلن جي گنجائش آهي، جڏهن ته پيمرا اڳ ئي 119 چئنلن جا لائسنس جاري ڪري چڪي آهي، وڌيڪ لائسنس جاري ڪرڻ خلاف پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي درخواست پيمرا اڳ ئي رد ڪري چڪي آهي.

پيمرا نوان لائسنس جاري ڪرڻ جي عمل جو بچاءَ ڪندي عدالت کي پي بي اي جي درخواست خارج ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.