رپورٽ:مورو: ڳوٺ حبيب ڀٽي جي رھواسين جو نياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاج

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ:مورو: ڳوٺ حبيب ڀٽي جي رھواسين جو نياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاج” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/20190702moro agwa pkg.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

موري ڀرسان ڳوٺ حبيب ڀٽي جي رھواسين پاران نياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

رھواسين،  فتح محمد ڀٽي، رشيد ڀٽي، ياسين ڀٽي، سليم ڀنگر، محمد علي شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هنن داهيندي چيو ته  20 ڏينهن اڳ  طارق پنھور ۽ زوھيب ڀٽي هٿياربند ساڻ ڪري سندن گهر ۾ گهڙي زوري نياڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا.

هنن چيو ته خبر ناهي سندن نياڻي کي زمين ڳهي وئي يا آسمان ڳهي ويو آهي، پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

هنن چيو ته اغوا جو ڪيس حد جي ٿاڻي فريد ديرو ۾ داخل ڪرايو آهي  پر جوبدارن پوليس کي ڳري رشوت ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏيو آهي.

متاثرن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي سندن نِياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.

رپورٽ- شاھنواز ڀٽي

Leave A Reply

Your email address will not be published.