رپورٽ:کوسڪي: بدين بچايو ڪميٽي جي سڏ تي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
کوسڪي: بدين بچايو ڪميٽي جي سڏ تي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽکوسڪي: بدين بچايو ڪميٽي جي سڏ تي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

کوسڪي ۾ بدين بچايو ڪميٽي جي سڏ تي مختلف شاخن ۽ واهن جي آبادگارن پاران  پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آبادگارن عزيز ڏيري،  لالانواز شيخ،  عبدالستار ٻرڙي،  طارق گھمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري پاڻي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  شادي سب ڊيويزن ٽنڊوباگو جي واھن بھادر واھ ،کوسڪي واھ ، ٻيڙو ويران واھ ، ڊفينس شاخ، ڌٻڻي مائنر سميت ٻين شاخن ۾ سخت پاڻي جي کوٽ آهي.

هنن چيو ته سب ڊويزن ٽنڊوباگو جي واھن ۾ پاڻي بند ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي.

مظاهرو ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته چيو ته جيستائين پڇڙيءَ تائين پاڻي نه پھچندو ۽ علي پور جا دڪا نه ھٽايا ويندا تيستائين سندن احتجاج جاري رھندو………………

رپورٽ-غلام رسول کوسو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.