صاف سٿري مڇي کائڻ سان ٽائپ ٽو شگر جو خطرو گھٽ ٿئي ٿو

سويڊن (ويب ڊيسڪ) جيتوڻيڪ مڇي کائڻ جا ڪيترائي فائدا آهن پر  هاڻي سويڊن جي مارهرن چيو آهي ته صاف سٿري پاڻي مان پڪڙيل ۽ غير آلوده مڇي کائڻ جا جتي ان جا ڪيترائي ٻيا فائدا آهن اتي ان سان ٽائيپ ٽو شگر جو خطرو به گھٽ ٿي سگھي ٿو.

اها تحقيق سويدن ۾ موجود چامرز يونيورسٽي جي ماهرن ڪئي آهي ۽ هنن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آلوده مڇي کاڌي وڃي ته ان سبب سمورا فائدا ضيان ٿي وڃن ٿا. اهو سبب آهي جو اها تحقيق خوراڪ جي معيار ۽ صفائي تي وڌيڪ روشني وجهي ٿي.

پر ماهرن خبردار ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه تحقيقاتن مان تيل وارين مڇين ۽ شگر تي جيڪي به نتيجا سامهون آيا آهن اهي هڪ ٻي کي رد ڪن ٿا. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته اهڙيون مڇون شگر کي پري رکن ٿيون جڏهن ته ڪجهه ماهرن اهو به چئي ڇڏيو آهي ته مڇي کائڻ سان شگر جو خطرو وڌندو آهي.

چامرز يونيورسٽي جي ماهرن ان سوال جو جواب ڳولهيو آهي ۽ اُهو جواب اهو آهي ته جيڪڏهن مڇي بلڪل صاف سٿري هجي ته ان جو فائدو ٿيندو ۽ آلوده مڇي کائڻ سان نقصان ٿي سگھي ٿو.

هاڻي سائنسدانن چيو آهي ته مڇي صاف هجي شگر ۾ ٿيندو ۽ جيڪڏهن آلوده هجي ته نقصان ۽ شگر جو خطرو وڌي ويندو. ان دليل ڏيندي چون ٿا ته گدلي پاڻي ۾ ڊاءِ آڪسن، ڊي ڊي ٽي، پي سي بي جهڙا آلودا ڪيميڪل موجود هوندا آهن جيڪي سامونڊي خوراڪن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا آهن ۽ اهي آلودا مرڪب انساني جسم وڃي ٽائيپ ٽو شگر جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

ماهرن موجب ڊاءِ آڪسن هجي يا پي سي بي جهڙا آلودا مرڪب هجن اهي کاڌن ذريعي ئي اسان جي جسم ۾ داخل ٿيندا آهن. اهي مرڪب سڻڀي گوشت وارين مڇين ۾ گڏ ٿيندا آهن ۽ ائين شگر سميت ڪيترين ئي ٻين پيچيدگين جو سبب بڻبيون آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.