رتي دير ي ۾ وڌيڪ 9 ايڇ آءِ وي ڪيس ظاهر، انگ 886 ٿي ويو، ڊاڪٽر مظفر جي آزادي خلاف ڌرڻو

رتوديرو ( ن ع آ) رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي وائرس تي ضابطو  نه اچي سگھيو،  وڌيڪ 09 ڪيس ظاھر ٿيا آھن .انگ وڌي 886 ٿي ويو آھي . رتي ديري تعلقي اسپتال ۾ لڳل بلڊ اسڪريننگ واري ڪئمپ تي 180 ڄڻن جي رت جي چڪاس ڪئي وئي جنھن ۾ وڌيڪ 09 ڄڻن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي تصديق ٿي آھي . جنھن ۾ ھڪ عورت ۽ 08 ٻارڙا شامل آھن . ٻن مھينن دوران ايڇ آءِ وي متاثرن جو تعداد وڌي 886 ٿي ويو آھي جنھن ۾ 728 معصوم ٻارڙا ۽ 158 وڏي عمر جا شامل آھن . معصوم ٻارڙن جي لاءِ دوائون موجود ناھن . جنھن ۾ متاثر ٻارڙن ۾ مختلف بيماريون لڳي ويون آھن. ٻن مھينن دوران 22 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آھن. ايڇ آءِ وي پکيڙڻ  جي الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽر مظفر گھانگھري جي ضمانت منظور ٿيڻ بعد جيل مان مليل آزادي خلاف ايڇ آءِ وي متاثر ٻارڙن جي وارثن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي امتياز جلباڻي ،حافظ ارشاد لولائي ، عبدالحفيظ سومرو، دودو جلباڻي ، نثار احمد جلباڻي، عبدالله بوزدار، سھيل جلباڻي، صابر علي، آزاد علي، ذوالفقار سناڻي ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر مظفر گھانگھرو رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي وائرس پکيڙڻ جو ذميوار آھي. هن جي آزادي متاثر مريضن جي والدين سان مذاق ڪيو ويو آھي  03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.