سڄو شهر نڪرندو ته ڇا ٿيندو….؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومنٽ پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اڃان ته رڳو ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن آيا آهن، سڄو شهر کڻي نڪرنداسين ته لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي.

تفصيل موجب ڪراچي ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر  چيو ته هتي 11 سالن کان وڏيرن ۽ جاڳيردارن معاشي دهشتگردي مچائي رکي آهي، پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ ڪراچي کي بچائڻ ضروري آهي.

ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته اسان ڪجهه نٿا گهرون، اسان ته پنهنجو ڦريل پيسو گهرون ٿا، ايم ڪيو ايم جي مڪاني حڪومت پهرين ماس ٽرانزٽ منصوبو منظور ڪرايو، بدقمستي سان تڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي ۽ اِهو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو.

ايم ڪيو ايم جي سربراهه چيو ته اسان پاڪستان بنايو هو ۽ اسان پاڪستان کي بچائينداسين، هي شهر صوبي کي 95 سيڪڙو ۽ وفاق کي 70  سيڪڙو ڏيندو آهي، ۽ هاڻ وفاقي چوي ٿو ته پاڻي جو منصوبو ڪراچي جي لاءِ عمل جوڳو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.