ظالماڻن فيصلن عوام جون مرڪون کسي ڇڏيون

امتياز چانڊيو

آئون جڏهن معمول مطابق سبزي خريد ڪرڻ لاءِ گهر کان نڪتس ته محمد قاسم به گهٽيءَ ۾ سامهون هوڪا ڏئي رهيو هو، سبزي وارو آيو، سبزي وارو آيو، اتي پهچي حيرانگيءَ جي ڳالهه، ڏٺم ته ريڙهو خالي ٿوري سڪل ۽ ڪومايل سبزي رکيل، مون جهٽ ۾ کانئس سوال ڪيو ته قاسم، ريڙهو خالي آ، ڪڏهن ته سبزي سان سجايل ريڙهو هلائيندو هئي ۽ ريڙهي تي فروٽ به هوندو هو، هاڻي ڇا ٿيو.؟؟

محمد قاسم جي چيل لفظن اڄ هي بلاڪ لکڻ تي مجبور ڪيو، ارمان مان چيائين ته ڪيترائي سال بيروزگار رهڻ کان پوءِ سبزي کپائڻ جو خيال آيم، ريڙهو خريد ڪري هڪ سال اڳ جڏهن سبزي وڪرو ڪندو هيس ته ڪافي مهينن تائين سٺو روزگار ٿيڻ ڪري خوشيءَ ۽ سک واري زندگي پئي گذاريم، سوچيو هيم ته ان ئي ڪاروبار کي وڌائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندس ۽ زندگي پئي خوش گذرندي، ٻارڙن کي پالبو به ۽ کين تعليم به ڏياري ويندس، پر جڏهن کان هيءَ تبديلي وارن جي حڪومت آئي آهي، ڄڻ وات تان گرهه کسجي ويو آهي ۽ مايوسي به ٿي آهي، 9 مهينن جي مسلسل وڌندڙ مهانگائي هاڻي ته روزگار ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن مارڪيٽ ۾ سبزي خريد ڪرڻ لاءِ وڃان ٿو ته ايتري مهانگائي آهي جو سبزي خريد ڪرڻ جي سگهه ئي ناهي، ٻن هزارن جي سبزي خريد ڪري اچي وڪرو ڪرڻ تي رڳو اٽي وٺڻ جيترا ئي پيسا مس ٿا بچن ۽ ماڻهن مان به سبزي خريد ڪرڻ جي سگهه ختم ٿي وئي آهي، جيڪڏهن قرض کڻي سبزي وڌيڪ آڻجي ۽ ماڻهو خريد نه ڪن ته پوءِ اهو نقصان ڀرڻ کان ڳالهه چڙهي ويندي.

ان دوران مون سوچيو پئي ته هي ته هڪ سبزي وارو آهي، اهڙا لکين سبزي وڪرو ڪري ماڻهو پنهنجو پيٽ گذر ڪندا هوندا، مهانگائي سبب اهي به ته بيرزوگار ٿيا هوندا، خوشحالي جا خواب ڏيکاريندڙ هن حڪومت ته مهانگائي جي حد ئي پار ڪري ڇڏي آهي، سچ ته ماڻهن جون دانهون نڪري ويون آهن، ڪاروبار مڪمل طور تي تباهه ٿي رهيا آهن، سرڪاري نوڪريون ملڻ مڪمل طور تي بند ٿي ويون آهن، عوام لاءِ جيئڻ جا گس بند ٿيندا پيا وڃن، آخر هن ملڪ جو ٿيندو ڇا، حڪمران صفا ظالماڻه فيصلا عوام مٿان مڙهي رهيا آهن، تازو حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي، جڏهن ته گيس جي قيمتن ۾ واڌ سبب هاڻ ته جيڪو سون ۾ بل ايندو هو، اهو هزارن ۾ ٿي ويو آهي، روپئي جو قدم گهٽجي ويو آهي، هاڻي 10 روپين وارو نوٽ هڪ روپئي واري حيثيت ورتي آهي، سئو روپين واري نوٽ جي حيثيت 10 روپين واري ۽ هزار جي نوٽ جي حيثيت وڃي 100 روپين واري ٿي آهي، اهڙي صورتحال اهو به سوچي پئي ڳڻتي ورتو ته آخر هن ملڪ جو هي حڪمران ڇا ڪندا، ڇا هنن عوام کان جيئڻ جو حق مڪمل طور تي کسڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، هتي حيرانگي جي هڪ ٻي به ڳالهه آهي ته ڇا هنن حڪمرانن کي روڪڻ وارو ڪير به ناهي، الهائي ڇو اعليٰ عدالتون به خاموش آهن، کنڊ، گيهه، چانهن، لوڻ، مرچن جي قيمت به هاڻي وڃي ٿي چوٽ چڙهندي، مهانگائي ماڻهن جي منهن تان مرڪون کسي ورتيون آهن.

ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب هڪ طرف خودڪشيون وڌي رهيون آهن، هر روز اها خبر اخبارن ۾ شايع ٿيل پڙهون ٿا ته فلاڻي شهر ۾ ڪنهن نوجوان، پوڙهي يا پڪي بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي ته مٿان وري هاڻي ته اهي به خبرون هلڻ شروع ٿيون آهن ته ماڻهن بيروزگاري سبب پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ شروع ڪيا آهن، گهر جي پوري نه ٿيڻ ڪري هڪ جيجل امڙ جڏهن پنهنجي مڙس سان گڏجي ٻچا وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏئي ته اها انتها ئي ٿي سگهي ٿي، اهڙو ئي واقعو حيدرآباد ۾ پيش آيو، غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ستايل ٽنڊومحمد خان جي ٽالپر ڪالوني جو رهواسي اڌڙوٽ شخص محمد رفيق زنگيشاهي پنهنجي زال سان گڏ سول اسپتال حيدرآباد کان قدم گاهه مولا علي سميت مختلف چوراهن تي بيهي پنهنجي جگر جا ٽڪرا پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏنا، کيس 4 نياڻيون ۽ هڪ پٽ هو. سندس چوڻ هو ته غربت ۽ بيروزگاري سبب هو پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر نٿو ڪري سگهي، جنهن ڪري هاڻ هو انهن کي وڪرو ڪري ٿو ته جيئن وڃي پنهنجي زندگي سکي ڪن.

اسان جي ملڪ تي ٿاڦيل حڪمرانن کي ملڪ هلائڻ ئي اچي ٿو، هو روزانو هڪ ٻئي جي مٿان ڪوڙا سچا الزام مڙهي پنهنجي جان آجي ڪرڻ ۾ پورا آهن، سنڌي ۾ مثال آهي ته “وڙهن سانهن ۽ لتاڙجن ٻوٽا” اسان جي ملڪ ۾ هن وقت ائين ئي ٿي رهيو آهي، وڙهن ٿا سياستدان ۽ لتاڙجي پيو اهو مسڪين عوام جنهن تبديلي جي نعري وارن ۾ وڏيون اميدون رکي کين ووٽ ڏئي اقتدار جي ڪرسي تائين پهچايو هو، پر هاڻي ان ئي عوام خلاف بيرحماڻه فيصلا ڪري ماڻهن کي تباهي ۽ بربادي طرف ڌڪيو پيو وڃي، صورتحال ان حد تائين خراب آهي جو ماڻهو هاڻي ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ سخت پريشان آهن، حڪمرانن کي عوام مٿان ظالماڻه فيصلا مڙهڻ بجاءِ عوام تي ڪو رحم کائڻ گهرجي جيئن ماڻهو خودڪشين ڪرڻ يا پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ کان بچي سگهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.