بکر ۾ مسافر وين حادثي جو شڪار….! ڪيترائي فوت

بکر(ويب ڊيسڪ) پنجاب صوبي جي شهر بکر ۾ مسافر وين ۽ ٽريلر جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا.

تفصيل موجب بکر جهنگ روڊ تي جهان خان جي ڀرسان ٽريلر ۽ مسافر وين ۾ ٽڪر ٿيو، حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا. فوت ٿيلن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن.

حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال موڪليو جتي کين طبي امداد ڏني وئي.

ڊي سي او ڪيپٽن ريٽائرڊ وقاص رشيد ۽ ڊي ايس پي پرويز خان به ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهتا جتي هنن زخمين جي عيادت ڪئي ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت به ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.