نيب جي تلوار پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻ جي ڪنڌ تي…..

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب راولپنڊي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ۽ ڪوسموس پروڊڪشن پرائيويٽ لميٽڊ جي اڳوڻي چيف ايگزيڪٽو روبينا خالد ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو.

اِهو ريفرنس جاچ آفيسر افشان بشارت طرفان احتساب عدالت اسلام آباد جي جج آڏو داخل ڪيو ويو.

نيب پڌرائي موجب بيور جي داخل ڪيل ريفرنس ۾ اڳوڻي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر لوڪ ورثو اسلام آباد مظهر الاسلام، لوڪ ورثو جي پنهنجي تيار ڪيل فنڊ ( ايس جي ايف) ۾ ڪوسموس پروڊڪشڻ جي چيف ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر تابنده ظفر جا نالا به شامل آهن.

احتساب جي اداري موجب جاچ دوران حاصل ٿيل ثبوت اِهو ظاهر ٿا ڪن ته جوابدار قومي احتساب بيورو آرڊيننس 1999 جي سيڪشن 9 (اي)، (vi) ۽ (xii) جي تحت ڪرپشن ۾ ملوث آهن.

پڌرائي موجب جاچ دوران اِها ڳالهه به سامهون آئي ته مظفر الاسلام اختيارن جو غلط استعمال ڪيو ۽ جوابدار روبينا خالد ۽ ڊاڪٽر تابنده ظفر سان گڏجي غير قانوني طريقي سان ڪوسموس پروڊڪشن  جي ٺيڪي کي وڌايو.

نيب پڌرائي موجب نون ٽينڊرن جي معاهدي کان سواءِ واڌ سان جوابدارن غير قانوين فائدو کنيو ۽ انهن طرفان 50 سيڪڙو ڏنڊ به جمع ناهي ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ قومي ناڻي کي 3 ڪروڙ 1 لک 30 هزار رپين جو نقصان ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.