آزاد صحافت ۽ جمهوري دور ۾ صحافين جي بي حسي

ماريا اسماعيل

پاڪستان سميت دنيا جي مختلف جمهوري  ملڪن ۾ صحافي مسلسل دٻاءَ جو شڪار آهن، ان جو سبب عوامي مڪالمي/ ڳالهه ٻولهه جو محددو هجڻ آهي. جنهن ۾ ميڊيا به حصي دار آهي.  هن وقت پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ صحافين تي دٻاءُ وڌو وڃي ٿو جنهن جو مقصد انهن جي پيشوراڻي ذميوارين کي محدود ڪرڻ ۽ مڪمل طور تي روڪڻ آهي. صحافين کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ کين ڪيئي موقعن تي گرفتار پڻ  ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيئي موقعن تي کين قتل به ڪيو ٿو وڃي. اسان جي سماج جو الميو اهو آهي ته جيڪي صحافي عوام کي معلومات پهچائڻ چاهين ٿا، اُهي هميشه سختين ۾ هوندا آهن ۽ سندن جي سرگرمين تي هميشه پابندين ۽ سينسرز جو لاڳو هوندي آهي، اهڙا صحافي ڪيئي ٻولين جي ميڊيا جي هوندا آهن ۽ سندن ڪم پنهنجي پنهنجي عوام کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ هوندو آهي.

صحافن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پاڪستان پريس فائونڊيشن جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2002ع کان وٺي اڄ تائين مختلف واقعن جي دوران 171صحافين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران 77 صحافي معمولي تشدد جي واقعن ۾ زخمي پڻ ٿيا آهن.

پاڪستان پريس فائونڊيشن جي رپورٽ موجب 2 فبيروري  2016ع ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف ملازمن پنهنجي حقن لاءِ پرامن مظاهرو ڪيو جنهن تي رينجرز ۽ پوليس فائرنگ ڪئي ۽ لٺ بازي ڪئي، جنهن ڪري پي آءِ اي جا 2 ملازمن فوت ۽ ميڊيا جا 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا. صحافت جي آزادي ۽ پنهنجي فرض جي ادائگيءَ لاءِ صحافي هميشه تيار ۽ سرگرم رهندا آهن اهو ئي سبب آهي جو عوام تائين بروقت ۽ درست معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوششن دوران سوين رپورٽرز، ڪميرامين ، فوٽوگرافرن ۽ بلاگرن کي قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون نه صرف ايترو پر هو هر ڏکئي حالت ۾ عوام کي ڄاڻ ۽ خبر پهچائڻ لاءِ هر دم تيار رهندا آهن.

اسان وٽ اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن جو اسان جي صحافين زخمي حالت ۾ به پنهنجا فرض سرانجام ڏنا آهن، اهڙن صحافين ۾ رپروٽرز ۽ ڪئميرا مين اهم آهن.

اهڙين صحافين ۾ هڪ چينل وقت جي ڪئميرا مين ( هي چينل بند ٿي ويو آهي )  امجد اقبال عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته 2016ع ۾ پي آءِ اي جي ملازمن جي احتجاجي مظاهري جي لائيو ڪوريج ڪري رهيا هئاسين تي اچانڪ هنگامو شروع ٿي ويو .پوليس ۽ رينجرز ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال شروع ڪيو ۽ لٺ بازي به ڪئي. امجد اقبال ٻڌايو ته منهنجي چيلهه ۾ ڌڪ لڳا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون جنهن اداري لاءِ پنهنجيون ذميواريون هر مشڪل وقت ۾ پوريون ڪيون پر افسوس جو ان اداري موٽ ۾ اسان جي جي سار نه لڌي. جڏهن ته حڪومتي نمائندن به اسان جي زخمي ٿيڻ بعد جن ٽي لک رپين جي امداد جو اعلان ڪيو هو اڳتي هلي اها به نه ملي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيس داخل ته ڪيو ويو پر اڄ تائين ڪجهه به نه ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته روزاني مختلف اين جي اوز ڪال ڪري صرف پنهنجي نام نهاد ذميواري پوري ڪنديون هيون عملي طور تي اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي وئي. هن چيو ته شاهد مان اوهان کي جيڪو ٻڌايو آهي اهو ٻڌائڻ ڪري سرڪار ناراض ٿي پوي ۽ منهنجي مدد نه ڪري، پر اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته اسان اڄ تائين مدد جي انتظار ۾ آهيون.

ان حوالي سان سڌسماءَ واري کاتي جي ڊائريڪٽر زينت جهان سان رابطو ڪيو ويو ته هن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ جيڪي درخواستون اينديون آهن انهن جي باقاعده جانچ ڪئي ويندي آهي ان کان پوءِ هڪ مخصوص رقم امداد طور ڏني ويندي آهي، باقي جن ماڻهن جون درخواستون نه اينديون آهن ته ان حوالي سان اسان ڪجهه ڪري سگهڻ کان قاصر هوندا آهيون، هُن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪنهن صحافيءَ جي تڪليف متعلق جيڪڏهن ميڊيا جي معرفت به ڪا معلومات ملندي آهي ته اسان تڏهن به ان لاءِ مدد جو بندوسبت ڪندا آهيون.

ان حوالي سان جڏهن سنڌ سرڪار جي ترجمان  مرتضى وهاب سان رابطو ڪيو ويو ته ان چيو ته اسان جو طريقئه ڪار ڪجهه هن ريت آهي ته جيڪي صحافي پوءِ ڀل اهي رپورٽر هجن، ڪئميرا مين هجن يا فوٽو گرافر هجن جيڪڏهن انهن سان ڪا زيادتي ٿيندي آهي ته ان متعلق اسان ان صحافيءَ کان آن لائن معلومات وٺندا آهيون جنهن لاءِ هو اسان جي ويب سائٽ تي موجود آن لائن فارم ڀري موڪليندو آهي، ان جي جانچ بعد ئي اسان ان جي مدد ڪري سگهندا آهيون، هُن چيو ته اسان جو جيڪو طريقه ڪار آهي اسان ان مطابق ڪم ڪندا آهيون.

مذڪوره  واقعي ۾ ڪئميرامين امجد اقبال جنهن چينل لاءِ ڪم ڪندي زخمي ٿيو هو اهو چينل هاڻي بند ٿي ويو آهي ۽ اسان جو سندس اخبار سان ڪو رابطو قائم ٿي نه سگهيو آهي.

صحافت جي آزادي ،خبر ۽ معلومات وقت تي پچائڻ جي عمل دوران پوليس ،رينجرز، بااثر سياست دانن ۽ ڏوهاري ماڻهن پاران نشانو بنائڻ وارن صحافين جون ڪيئي ڪهاڻيون آهن، اسان هتي رڳو امجداقبال ،شفيق دلشاد ۽ وسيم مغل جو ذڪر ڪري سگهيا آهيون.

گذريل ٻن کان ٽن سال دوران پاڪستان ۾ صحافين تي تشدد جي واقعن ۾ گهٽائي آئي آهي پر مجموعي طور تي ميڊيا ۽ صحافت پابندين، عدم استحڪام ،تشدد ۽ پابندين جو شڪار رهي آهي .ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ۽ سينئر صحافي امتياز خان فاران تي هڪ نجي چينل جي هڪ ٽاڪ شو ۾ تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙن ملير مان قومي اسمبيلي جي چونڊن ۾ ناڪام ٿيندڙن اميدوار مسرورسيال جي حملي ۽ تشدد تي رابطو ڪيو ويو ته امتياز فاران عوامي آواز کي ٻڌايو ته مسرورسيال عوامي منصوبن تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو ته مان ان جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته هن سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪئي ته مان ان کي چيو ته اوهان ڇا ڪيو آهي، مون فقط ان جي ڳالهين جو جواب ڏنو جنهن ته هو غصي ۾ اچي ويو ۽ مون تي تشدد ڪيو .

ڪي يو جي (دستوري )جي صدر طارق ابوالحسن ۽ جنرل سيڪريٽري محمد عارف خان عوامي آواز کي ٻڌايو ته اسان جي هر وقت ڪوشش هوندي آهي ته صحافين ۽ ڪميرامين تي تشدد ڪرڻ وارن سان مفاهمت ڪئي وڃي .ان کان علاوه زخمي صحافن جي مدد ڪئي وڃي . هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ فواد چوڌري هڪ سينئر صحافي سميع ابراهيم تي تشددڪيو .ان کان پوءِ پريس ڪلب جي صدر تي تشدد ڪيو ويو .هنن چيو ته ٽوئٽر تي صحافين لاءِ نامناسب الفاظ استعمال ڪيا ويندا آهن . هنن چيو ته صحافين وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. (اطلاع موجب مسرورسيال جي پارٽي رڪينت معطل ڪئي وئي آهي ۽ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري جواب گهرايو ويو آهي، جڏهن ته سمورن پريس ڪلب تي 3 ڏينهن لاءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ معافي جو به مطالبو به ڪيو ويو آهي )

پاڪستان پريس فائونديشن جي ويب سائيٽ تي موجود انگن اکرن موجب 2002ع کان هن وقت تائين 73 صحافي قتل ٿي ويا آهن ، جن ۾ 48 صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جڏهن ته 25 صحافين کي صحافتي ذميواريون سرانجام ڏيندي قتل ڪيو ويو، 42 صحافين کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ۾ رکيو ويو ۽ مٿن تشدد ڪيو ويو. صحافين جي حوالي سان صرف 5 ڪيس اهڙا آهن جنهن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  وفاقي ۽ صوبائي سرڪار پاران صحافين ۽ انهن جي ادارن لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.

گهروکاتي جي پراسيڪيويشن ۽ سنڌ پوليس سان جڏهن شفافيت ۽ معلومات تائين رسائي ايڪٽ 2016ع متعلق سوال ڪيا ويا ته انهن سوال جو ڪوبه تسلي بخش جواب نه ڏنو.

ڪميرامين ۽ فوٽوگرافر تي تشدد جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين آواز اٿاريو آهي ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون آهي ته ATA تحت صحافين تي ڪيس داخل نه ڪيا وڃي ان متعلق صحافين پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. سنڌ اسيمبلي اندر تحريڪ انصاف جي اڳواڻن فردوس شميم  نقوي،حليم عادل شيخ ،جمال صديقي ۽ خرم شيرزمان عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف صحافت جي آزاديءَ تي يقين رکندي آهي ۽ اهڙن معاملن جي سخت مذمت ڪندي آهي. هنن چيو ته اسان صحافين جي عزت ڪندا آهيون مگر جيڪڏهن ڪو پي ٽي آءِ اڳواڻ اهڙي قسم جو عمل ڪندو جيڪو مسرور سيال ڪيو آهي ته ان ڏس ۾ هو اهڙي عمل جا ذميوار پاڻ ئي هوندا.

مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته صحافين ۽ ڪئميرامين تي حملو ڪري سچ ۽ حق جي آواز کي دٻائي نٿو سگجهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن صحافين سان گڏ آهي .

پ پ جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پ پ هميشه جمهوريت جي بحالي ۽ صحافت جي آزادي جي لاءِ پنهنجو ڪردار اداڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صحافين سفارشون ڏنيون آهن ته دهشتگردي ايڪٽ تحت صحافين تي ڪيس داخل نه ڪيا وڃن اسان ان تي غور ڪري قانون سازي ڪنداسين.

صحافن جي تحفظ لاءِ حڪومتي ادارن ۽ ميڊيا جي تنظمين کي گڏجي ڪري ڪو حل ڪڍڻو پوندو، جيستائين ڪا موثر قانون سازي نه ڪئي ويندي تيستائين صحافي خطرن جي ور ئي هوندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.