رپورٽ: ڪراچي: قومپرست ڪارڪنن پاران افغانين جي ڏيهه نيڪالي لاءِ احتجاج ڪيو ويو

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪراچي: قومپرست ڪارڪنن پاران افغانين جي ڏيهه نيڪالي لاءِ احتجاج ڪيو ويو
عوامي آواز رپورٽرپورٽ: ڪراچي: قومپرست ڪارڪنن پاران افغانين جي ڏيهه نيڪالي لاءِ احتجاج ڪيو ويو

 

ڪراچي ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين پاران افغانين جي نيڪالي لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

قومي عوامي تحريڪ،عوامي جهموري پارٽي ۽ عوامي راڄ تحريڪ پاران ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران افغان پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ان موقعي تي اڳواڻن امان الله شيخ، رشيد صدايو، سيد خليل شاهه، سارنگ پيرزادو، فرحانا لاڙڪ ۽ اشفاق چنڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري مقامي ماڻهن جي روزگار تي معاشي ڌاڙو هنيو ويو آهي،

سندن چوڻ هو ته سنڌ هاڻي پرڏيهين جو بار برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري افغانين، بنگالين ۽ بيهارين کي پنهنجي ڏيهه اماڻيو وڃي.

هنن گهر ڪئي ته افغان پناهگيرن واري معاهدي وارو مدو پورو ٿيڻ بعد کين پنهنجي ڏيهه اماڻي سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃِي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.