علامه دائود پوٽا لائبريري، شاگرد اندر نه ٻاهر ويٺل…

نعيم ميربحر

نوجوانن جي هڪ وڏي هجوم جو مهور هڪ بينر هيو، بينر تي لکيل لفظ ان ڳالهه جي شاهدي هئا ته ڄڻ سندن روح انهن لفظن ۾ سمايل هجي، جيڪو نوجوانن لاءِ وڏي اتساهه جو سبب بڻجي ٿو، ۽ خاص طور تي اهڙا نوجوان جيڪي تعليم کي پنهنجو پاڻ ارپي چڪا هجن، سي ته وطن جو اثاثو هجن ٿا، وطن جي وصف به هر ماڻهو وٽ پنهنجي آهي، اسين پنهنجي وطن لاءِ جان ارپڻ لاءِ تيار هوندا آهيون،  هنن نوجوانن جو وطن هي لفظ هيا ”درسگاهن سان دل منهنجي، ڪتب خانه وطن منهنجو“ هي پنهنجي وطن شمس ال علماءِ دائود پوٽا لائبريري جي وارثيءَ لاءِ نڪتل نوجوان شاگرد فقط چند اهڙيون گذارشون کڻي نڪتا آهن، جيڪي ڪنهن فرد لاءِ بلڪه عالم لاءِ ڀلوڙ آهن ۽ وقت جي ضرورت مطابق آهن. هي لائبريريءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن جون اهي فرمائشون آهن، جيڪي سندن ڪرڻ کان اڳ ئي وقت جي حڪمرانن کي ڪرڻ گهرجن ٿا، تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اميد ته جيئن ڪو پيءَ پنهنجي اولاد جي ڪيل ڪنهن فرمائش کي پوري ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽائيندو آهي، لاڳاپيل اختياريون پڻ جلد سندن مطالبا مڃينديون ۽ ان سان علامه دائود پوٽا لائبريري جي سگهه کي پڻ وڌائينديون. لائبريري ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن کي بهترين ماحول ڏيڻ فرض هجي ٿو، احتجاج ڪندڙ نوجوان شاگردن جي هٿن ۾ کنيل ان بينر تي 5 گذارشون هيون.

  1. لائبريري ۾ ويهڻ جي جڳهه وڌائي وڃي
  2. پاڻي جي کوٽ پوري ڪئي وڃي
  3. جنريٽر جي سهولت ڏني وڃي
  4. سيڪيورٽي جو مسئلو حل ڪيو وڃي
  5. ٽائيم صبح 8 کان شام 10 ڪيو وڃي

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهي مطالبا نه پر وقت جي ضرورت آهن، جيڪڏهن شاگرد وڌي ويا آهن ته ان ڳالهه تي سرهائي جو اظهار ڪرڻ گهرجي، اڳ ئي عرض ڪري چڪا آهيون ته شاگرد صبح کان رات تائين مسلسل پڙهائيءَ لاءِ لائبريري ۾ رهن ٿا، تنهن ڪري کين اڃ ۽ بک ٻنهيءَ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، گهٽ ۾ گهٽ پاڻيءَ جي سهولت جو مطالبو ڪو وڏو مهانگو مطالبو نه آهي، 10 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ ۽ 45 کان مٿي گرمي پد ۾ ضرور شاگردن کي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ قائم ٽن عوامي لائبريرين ۾ وڏي لائبريري ۾ گهٽ ۾ گهٽ جنريٽر جي سهولت ترجيح هجڻ گهرجي.

جيڪڏهن توهان علامه دائوڊ پوٽا لائبيري جو تعارف پڙهندو ته توهان کي خبر پوندي ته دائوڊ پوٽا لائبريري جو قيام 1961 ۾ پيو، جيڪا بنيادي طور تي اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي جو حصو هئي، جتان شفٽ ڪري مسلم ڪاليج حيدرآباد آندي وئي، 1986 ۾ ثقافت کاتي جي قيام کانپوءِ سڀئي لائبريريون کاتي جي بلي آيون، لائبريري جي تعارف ۾ اهي سڀ تعريفون بيان ڪيون ويون آهن، جن جو اڄ شاگرد مطالبو ڪري رهيا آهن، ڪمرن، صاف ۽ ٿڌي پاڻي، ايئر ڪنڊيشن ڪمرن، لکين ڪتابن، اخبارن سميت تعريفن  جا بند اوهان کي مختلف هنڌن تي ملندا، پر حالتون اهي آهن ته پڙهڻ لاءِ ويندڙ شاگردن جي مطالبي ۾ پاڻي، ڪمرن جي کوٽ، بجليءَ نه هجڻ، صاف پاڻي، ڪتابن جي کوٽ سڀئي شامل  آهن.

ڇنڇر ڏينهن شاگردن پاران حيدرآباد پريس ڪلب تي ان حوالي سان ڀرپور احتجاج رٿيو آهي، جنهن کان اڳ  شاگردن دائودپوٽا لائبريري جي مسئلن جي حل لاء هڪڙي ميٽنگ ڪئي جنهن ۾ چارٽر آف ڊمانڊ ٺاهيو ويو۔

  1. دائودپوٽا لائبريري ۾ ويهڻ لاء جاء ناهي ان جا هال وڌايا وڃن. جيسيتائين هال ٺهن تيسيتائين لائبريري جي پويان ٺهيل گيسٽ هائوس شاگردن کي مهيا ڪيو وڃي.
  2. دائودپوٽا لائبريري کي جنريٽر ڏنو وڃي
  3. دائودپوٽا لائبريري جا واٽر پلانٽ هڪ مان وڌائي 3 ڪيا وڃن
  4. موٽر سائيڪلن جي پارڪنگ جو مسئلو حل ڪيو وڃي
  5. بيگ جيڪي ٻاهر ٽنگيا ويندا آهن انهن کي محفوظ ڪيو وڃي
  6. دائودپوٽا لائبريري کي هڪ ڪينٽين ڏني وڃي.( ڪينٽين منظور ٿيل آهي پر ڪو به عمل نه ٿيو آهي)
  7. ڇنڇر تي شاگردن کي اخبار نه ڏني ويندي آهي انهن کي اخبار ڏني وڃي
  8. دائودپوثا لائبريري جي شاگردن کي وائي فائي ڏنو وڃي
  9. صفائي جو بهتر نظام بڻايو وڃي
  10. لائبريري جو ٽائيم وڌائي 8 کان 10 ڪيو وڃي
  11. مين گيٽ تي سيڪيورٽي مقرر ڪئي وڃي
  12. شاگردن کي هڪڙو ڊجيٽل هال مهيا ڪيو وڃي

سنڌ جي تعليمي معيار تي مختلف وقتن ۾ سوال اٿندا رهن ٿا، اسان جو پرائمري تعليمي نظام، استادن جي کوٽ، مدي خارج سيليبس، اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سميت مختلف مک ڪارڻ ذڪر هيٺ رهيا آهن، ان جي باوجود اسان جا نوجوان اهڙن ئي اسڪولن مان پڙهي اعليٰ تعليم  پرائڻ جا خواب اکين ۾ سانڍي منزل ڏانهن اڳتي وڌندا رهن ٿا، ان منزل تي پهچڻ لاءِ هڪ اهم ڏاڪڻ لائبريبريون پڻ آهن، جتي هو اچي پاڻ مرادو مطالعو ڪري پنهنجي شخصيت کي مختلف چٽاڀيٽي جي مقابلن لائق بنائين ٿا. سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ قائم شمس ال علماءِ علامه دائودپوٽا لائبيريري اهڙن نوجوانن لاءِ سندن ٻيو گهر ثابت ٿيندي آهي، جتي هو صبح سوير اچي پهچن ٿا، سڄو ڏينهن بک تي ويٺا اٺ ڪتابن جو مطالعو ڪن ٿا، سندن روز جو معمول هجي ٿو ۽ لائبريري سندن لاءِ ڪنهن محبوبا کان گهٽ نه هجي ٿي.  لائبريري ۾ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي لاءِ تياري ڪندڙ هزارين شاگردن جي ويهڪ روزاني جي بنياد تي ٿئي ٿي، ان کان اڳ لاهور ۽ اسلام آباد وڃڻو پوندو هو. سنڌ ۽ سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ وڏي اتساهه جو سبب هن لائبريري ۾ شاگردن جي بنيادي ۽ واجب مطالبن کي مان ڏئي سنڌ جي تعليم کي بهتر بنائڻ لاءِ ڏسون ته ڪير ٿو اڳتي وڌي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.