افغاني بي نيمڪائيءَ کان نه مڙيا….. اسٽيڊيم ۾ پاڪستانين تي تشدد

ليڊز(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن جو جذبو وڌائڻ هيڊنگلي ڪرڪيٽ گرائونڊ ليڊز ۾ آيل ڪرڪيٽ جي شوقينن طرفان ميچ جي شروعات کان اڳ ئي نعريبازي عروج تي هئي پر جيئن جيئن ميچ ۾ افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جا بيٽسمين پاڪستاني بالرن جي سامهون وڪيٽون وڃائيندا رهيا ته افغاني شوقينن جو جذبو ڪاوڙ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو.

ڪرڪيٽ شوقين افغانين ڪرڪيٽ کي پاڪستان ڪارڪيٽ ٽيم جي حق ۾ نعرا هڻندڙ ڪرڪيٽ جي شوقي تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، پهرين اسٽيڊيم جي اندر پاڪستاني ڪرڪيٽ فينز سان الجهڻ تي ڪرڪيٽ جي شوقين افغانين کي اسٽيڊيم جي اندر موجود پاڪستانين کي پاڻي جون بوتلون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيون.

پاڪستان جي خلاف اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪرڻ تي افغانين کي اسٽيڊيم کان ٻاهر ڪڍيو ويو ته هنن هيڊنگلي ڪرڪيٽ گرائونڊ جي ٻاهران موجود پاڪستاني ڪرڪيٽ  ٽيم جي شرٽ پاتل نوجوان تي حملو ڪيو ۽ کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

ان سموري ڪارروائي دوران اسٽيڊيم ۾ موجود سيڪيورٽي اسٽاف افغاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ٻن سپورٽرن کي حراست ۾ ورتو، پنهنجي ساٿين کي تحويل ۾ وٺڻ تي افغانين جو سيڪيورٽي اختيارين به جهيڙو ٿيو ۽ هو اسٽيڊيم جا جهنگلا اورانگهي گرائونڊ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.

ان سموري ڪارروائي جي عڪس بندي ڪندڙ پاڪستاني صحافين تي به افغانين حملو ڪري ڏنو ۽ سندس موبائل فون کسڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، موبائيل فون ڏيڻ کان انڪار تي افغانين پاڪستاني صحافين کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون به ڏنيون، جنهن تي اسٽيڊيم سيڪيورٽي اسٽاف پاڪستاني صحافين کي حفاظت سان اسٽيڊيم جي اندر آندو.

ان سموري صورتحال تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل پنهنجو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ڪرڪيٽ شوقينن جي جهيڙي کان مڪمل آگاهه آهيون، آءِ سي سي اسٽيڊيم سيڪيورٽي اسٽاف ۽ ويسٽ يا رڪشائر پوليس سان مسلسل رابطي ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.