10 مهينن جي مختصر عرصي ۾ ساک وڃائيندڙ پي ٽي آءِ سرڪار

زلف پيرزادو

پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪي تاريخ جي اهڙي پارٽي ثابت ٿي آهي جيڪا حڪومت ملڻ کانپوءِ 10 مهينن جي انتهائي مختصر عوامي سطح تي پنهنجي ساک تيزيءَ سان ڪيرائي رهي آهي. ان جو وڏو ڪارڻ ناڪام معاشي پاليسي آهي جنهن ملڪ جي عوام کي لوڏي ڇڏيو آحي. عام مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي مانيءَ کان محروم ٿي ويو آهي. مٿان آءِ ايم ايف جي جوڙيل جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي ان سان اڃا به مهانگائيءَ جو سونامي اچڻ جون معاشي ماهر اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ سرڪار جي تيزيءَ ساک ڪرڻ جو ٻيو وڏو ڪارڻ حڪمرانن جو ”يوٽرن مٿان يوٽرن“ وٺڻ آهي. عام چونڊن ۾ جيڪي به اعلان ڪيا ويا عملي طور انهن اعلانن جي ابتڙ فيصلا ڪيا ويا. حالت اها آهي ته خود پي ٽي آءِ جا ووٽر ۽ پارٽي ۾ اهم عهدن تي ويٺل اڳواڻ به پريشان آهن ته هي ڇا ٿي رهيو آهي. وڏي ڳالهه ته اسد عمر پڻ پنهنجي پارٽي جي پيش ڪيل بجيٽ تي تنقيد ڪري رهيو آهي. هڪڙا اهڙا به پي ٽي آءِ اڳواڻ آهن جيڪي پارٽي فيصلن تي حيران پريشان آهن پر ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهن اندر ئي اندر ۾ ڪڙهي رهيا آهن.

وزيراعظم چونڊن دوران اعلان ڪيو ته هو خودڪشي ڪندو پر آءِ ايم ايف نه ويندو، جڏهن تيل جا اگهه وڌن ۽ مهانگائي ٿي وڃي ته سمجهو وزيراعظم ڪرپٽ آهي. هاڻي مهانگائيءَ جو اهڙو سونامي آيو آهي جو وزيراعظم لاءِ ڪرپٽ لفظ به ناڪافي محسوس ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن مهانگائي جي تناسب سان وزيراعظم لاءِ لفظ چونڊجي ته شايد ”مها ڪرپٽ“ به گهٽ وزن وارو لفظ محسوس ٿي رهيو آهي. سو جيڪڏهن حالتون جيئن جو تيئن رهيون ۽ مخالف ڌر عوام جي بيزاري ۽ ڪاوڙ جو فائدو کڻڻدي ڪا منظم تحريڪ هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ پي ٽي آءِ سرڪار جو وڌيڪ هلڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي. ان ڪري به ته مهانگائيءَ جي جن پي ٽي آءِ سرڪار جون عوام ۾ پاڙون ڪمزور ڪري ڇڏيون آهن. هاڻي فقط هڪ وڏي ڌڪي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

اها به تاريخي حقيقت آهي ته اهي حڪومتون جيڪي عوامي سطح تي ساک وڃائي چڪيون هجن ۽ اندروني ڏڦيڙ جو شڪار هجن اهي گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهنديون آهن. پي ٽي آءِ سان به اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي. هڪ سهارو کين رياستي ادارن جو حاصل آهي پر اهو به هڪ حد تائين ممڪن هوندو آهي. جڏهن عوام حڪومت کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيندو آهي تڏهن هوائي مخلوق جو رخ به هڪدم تبديل ٿي ويندو آهي. موجوده حالتون به ڪنهن اهڙي صورتحال ڏانهن وڌندي نظر اچي رهيون آهن. جيڪڏهن فوري طور پي ٽي آءِ سرڪار عوام کي ڪو رليف نه ڏئي سگهي ته پوءِ تبديلي اڻٽر ٿي ويندي ان جي شڪل ڪهڙي هوندي اهو به هوائن جو رخ ئي طئه ڪندو.

هينئر تائين هوائن جو رخ پي ٽي آءِ سرڪار جي حق ۾ آهي پر موسم تي ڪو به اعتبار نه آحي. آنڌاري اچڻ جا امڪان ڪڏهن به رد نٿا ڪري سگهجن ڇاڪاڻ ته هوائي مخلوق ۽ پي ٽي آءِ سرڪار ته هڪ صفحي تي آهن پر عوام جو رخ هڪ صفحي تي موجود قوتن جي مخالف آهي. سياسي ۽ معاشي تجزيا ڪارن جا تجزيا ۽ اڳڪٿيون به موجوده حالتن جي مخالف آهن. معنيٰ سياسي، معاشي ماهر ۽ عوام هڪ صفحي تي اچي ويا آهن. سو جيڪڏهن هوائي مخلوق به حالتن کي ڏسندي صفحو تبديل ڪيو ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿي ويندو ۽ پي ٽي آءِ سرڪار حيران پريشان ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.