وزير اعظم پرڏيهه ۾ قيد پاڪستانين لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان پرڏيهه قيد پاڪستانين جي آزادي تي پرڏيهي وزارت کي ٽاسڪ ڏيندي پرڏيهي وزارت کان 40 ڏينهن ۾ سڄي دنيا ۾ قيد پاڪستانين جي تفصيل گهري ورتي آهي.

تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان پرڏيهه ۾ قيد پاڪستانين جي لاءِ وڏو قدم کڻندي پرڏيهي وزارت کي قيد پاڪستانين جي آزادي جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو ۽ پرڏيهي وزارت کان 40 ڏينهن ۾ سڄي دنيا ۾ قيد پاڪستانين جي تفصيل گهري ورتي.

وزير اعظم آفيس پرڏيهي وزارت کي قيد پاڪستانين جي آزادي تي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهه پاڪستانين جي آزادي جا فوري طور بندوبست ڪيا وڃن، وزير اعظم آفيس ۽ پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ ٽاسڪ مينجمنٽ سسٽم قائم ڪيو وڃي.

خط ۾ چيو ويو ته معمولي سزا يا ڏنڊ ادا نه ڪندڙن جي آزادي جا فوري بندوبست ڪيا وڃن ۽ سٺا سفارتي لاڳاپا هئڻ تي قيدين جي بنا معاوضي آزادي جي ڳالهه ڪئي وڃي، جيڪو خاندان ڏنڊ ادا نٿو ڪري سگهي حڪومت انهن کي ادائيگي ۾ مدد ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.