رپورٽ: ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي کوٽ خلاف کاري ڇاڻ کان نڪتل پيادل مارچ ڳاڙهي پهتو

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي کوٽ خلاف کاري ڇاڻ کان نڪتل پيادل مارچ ڳاڙهي پهتو” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/20190728Thatto Pkg-06.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

 

ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي کوٽ خلاف کاري ڇاڻ کان نڪتل پيادل مارچ ڳاڙهي پهچي ويو.

اياز لاشاري ، مصطفى چانڊيو ، حق نواز رند ۽ حاجي سمن بلوچ جي اڳواڻي ۾ آبادگارن جو پيادل مارچ ڳاڙهي پهتو ته شهرين طرفان آجيان ڪئي وئي.

ان موقعي تي مک چوڪ تي ڌرڻو هڻي پاڻي کوٽ خلاف نعريبازي پڻ ڪئي وئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٺٽي  ضلعي  ۾ پاڻي جي کوٽ سالن کان برقرار آهي جنهن جي ڪري ماڻهو مال مري رھيا آهن.

هنن چيو ته ھر طرف ويراني واڪا پئي ڪري، معاشي قتل عام ٿي رھيو  آهي، زمينون  بنجر ۽ فصل تباهه آهن.

اڳواڻن چيو ته ٿورو گهڻو پاڻي اچي ٿو ته انهن تي به بااثرن  جا قبضا  آهن جيڪي فورن ختم ڪرايا وڃن.

آبادگارن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ڪيٽي  بندر کان ڪراچي  تائين  مارچ ڪيو ويندو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.