پيدائشي ڊيفيڪٽڊ جو بيان ڪنهن خاص شخص لاءِ نه هو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سندس پيدائشي ڊيفيڪٽڊ جو بيان ڪنهن خاص شخص لاءِ نه هو ۽ جنهن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد اهو ڊيفيڪٽڊ آهي. هڪ انٽرويو ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پيدائشي ڊيفيڪٽڊ طبي اصلاح آهي جنهن کي سياست جو رنگ ڇو پيو ڏنو وڃي، پنهنجي لفظن تي قائم آهيان پوئتي نه هٽي رهي آهيان، بيان ڪنهن خاص شخص نه هو. هن چيو ته  هر اهو شخص جنهن جا عمل پنهنجي زبان سان نه هجن اهو پيدائشي ڊيفڪيٽڊ  آهي، ڪو به سياسي شخص ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ پيدائشي نقص هجن، پيدائشي نقص جسماني، ذهني ۽ نفسياسي طور ڪنهن  ۾ به ٿي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته  وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس اوڳاڙي کي تحريڪ جي شڪل ڏني، پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي منزل طرف پهرين وک ڪپتان کنئي آهي.  فردوس عاشق اعواڻ چيو ته  وزيراعظم عمران خان جي عملي قدم ثابت ڪيو ته اسان قوم بڻجي محتاجي جي ڌٻڻ مان نڪري جدوجهد ڪيون، وزيراعظم سياسي نه قومي مفاد ۾ جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.