قاضي احمد ۾ گهرن تي چڙھائي، تشدد، 2 ڄڻا رتورت، 2 گرفتار

قاضي احمد ( ن ع آ ) قاضي احمد پوليس جي اهلڪارن باءِ پاس روڊ تي ويٺل شيخ برادري جي گهرن تي چڙھائي ڪري عورتن، ٻارڙن ۽ مردن تي لٺبازي ڪندي مسمات مينيا شيخ، رحيمان شيخ، نيامت شيخ  ۽ ھڪ نينگر علي مراد شيخ کي سخت تشدد ڪندي کين رت ۾ ڳاڙھو ڪري ٻن ڄڻن غلام قادر شيخ ۽ علي خان شيخ  کي سخت مارڪٽ بعد کين گرفتار ڪري کڻي وئي آھي پوليس جي اهڙي ناحق خلاف متاثر عورتون قاضي احمد جي عدالت پهچي ويون، جتي ميڊيا آڏو دانهون ڪندي چيو ته قاضي احمد پوليس سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ برادري جي ماڻھن جي چرچُ تي قهري ڪارروائي ڪري عورتن، مردن ۽ ٻارڙن تي وحشياڻو تشدد ڪيو آھي انصاف ڪيو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.