آصف زرداري جي صحيح ٿيل ٽڪيٽ تي پي ٽي آءِ ووٽ ڏنا….

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي عوامي رابطا مهم حڪمرانن جا هوش اڏائي ڇڏيندي، ڪامياب اي پي سي ۽ اهم فيصلن کان پوءِ حڪمران پارٽي پريشاني ۾ آهي.

تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪامياب اي پي سي سياست جو رخ ڳولي ڇڏيو آهي، ڪامياب ۽ اهم فيصلن کان پوءِ حڪمران پارٽي پريشاني ۾ آهي.

نيئر بخاري جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو جي عوامي رابطا مهم حڪمرانن جا هوش اڏائي ڇڏيندي، عوام کي مصيبن ۾ مبتلا ڪندڙ ڪاميابي تي واويلا ڪري رهيا آهن، آئيني جمهوري انساني معاشي حقن تي ڌاڙو هڻندرن جا رستا روڪيندا.

پ پ اڳواڻ چيو ته ملڪ جي لاءِ خطرو بڻجندڙ حڪمرانن جا ڳڻيا ويا آهن

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو ته آئيني منظوري جي لاءِ اڪثريت جي ضرورت هوندي، سينيٽ چيئرمين جي تبديلي جي حوالي سان اي پي سي ڪميٽي ۾ غور ٿيندو.

عاجز ڌامراهه جو چوڻ هو ته اِها ڳالهه طئي ٿي چڪي آهي ته سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻو آهي، سينيٽ ۾ زرداري صاحب جي صحيح سان جاري ٿيل ٽڪيٽ تي پي ٽي آءِ ووٽ ڏنا، اِهو پي ٽي آءِ جو ٻٽو معيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.