سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتلام ۽ حڪومتي پاليسيون

عتيق ملاح

سنڌ ۾ هڪ طرف آبادگار ۽ هاري پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي روڊن تي نظر اچن ٿا ته ٻئي طرف وري سنڌ جا آبادگار زرعي جنسن جا مناسب اگهه نه ملڻ جون دانهون ڪندي نظر ايندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي زرعي معيشت تباهي جي ڪناري تي اچي پهتل آهي، تازو سنڌ ۾ ماڪڙ جي حملي سنڌ جي ڪجهه ضلعن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.

هڪ ننڍي آبادگار زرعي معيشيت جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو پئي ته هڪ طرف پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري اُپت ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ته ٻئي طرف زرعي جنسن جا اگهه نه ملڻ ڪري فصلن تي ڪيل خرچ به نٿو نڪري سگهي، ڀاڻ، ڊيزل ۽ ٻچ تمام گهڻا مهانگا ٿي ويا آهن ان صورتحال ۾ جيڪڏهن فصل اگهه به نه ڪري سگهي ته پوءِ زميندار ۽ هاري ته معاشي بدحالي جي ور چڙهي ويندا.

سنڌ جون آبادگار تنظيمون زراعت جي شعبي جي تباهيءَ جو ذميوار وفاقي ۽ سنڌ سرڪار کي قرار ڏئي رهيون آهن، ڊالر جي وڌڻ واري صورتحال جيئن ته سڄي ملڪ جي هر شعبي کي متاثر ڪيو آهي ۽ عوام تمام ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي اتي زرعي پيشا ماڻهو به گهڻو پريشان نظر اچن ٿا.

سنڌ ۾ هن وقت ڦٽي تيار آهي، پر ڪپهه جي ڪارخانيدارن پاڻ ۾ هڪ هٽي قائم ڪري ورتي آهي، جن هڪ ڌڪ ۾ ڦٽين جو اگهه هڪ هزار رپيا في مڻ گهٽائي ڇڏيو آهي،  جنهن کي آبادگارن پنهنجو معاشي قتل عام قرار ڏئي رهيا آهن، آبادگارن موجب اهڙي معاشي استحصال کي سنڌ جا آبادگار ڪڏهن به قبول نه ڪندا، اهي اطلاعن آهن ته ڦٽيءَ جو اگهه 20 جون تائين 4 هزار رپيا في مڻ هو، جيڪو هاڻ 3 هزار روپيا ڪيو ويو آهي، جنهن سان آبادگار طبقو پريشان ٿي ويو آهي، زرعي معيشيت جي تباهي جي ڪري اڳ ئي سنڌ جا ٻهراڙي وارا علائقا غربت کي منهن ڏئي رهيا هئا پر موجوده صورتحال ۾ ٻهراڙي جي علائقن جي ماڻهن جي روزگار جو اهم ذريعو ڦٽي به اگهه نه ڪري سگهي آهي.

 آبادگارن وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار جي غلط پاليسين ۽ بجيٽ ۾ زرعي شعبي کي نظر انداز ڪرڻ واري عمل آبادگارن جو معاشي قتلام قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي زراعت هن وقت سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي آهي، زراعت جو شعبو سرڪاري بي ڌياني سبب تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي، مرچن ۽ ڀاڄين جا اگهه پڻ گهٽجي ويا آهن.

هوڏانهن سنڌ جا آبادگار سالن کان ڪمند جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي نظر ايندا رهيا آهن، پر جنهن اگهه تي هنن ڪمند شگر ملن کي ڏنو ان جي رهتن وارو مسئلو به اڃا اتي جو اتي آهي، شگرملن ڏانهن ڪمند جون رهتون پڻ رهيل آهن، جيڪي اڃان تائين نه ملي سگهيون آهن. جنهن سبب آبادگار معاشي بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڊيزل، ڀاڻ، ٻج زرعي دوائن، ٽريڪٽر ۽ ٻي زرعي مشينري جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن، جنهن سان زراعت تي لاڳت جو خرچ تمام گهڻو ۽ پيداواري اپت جو اگهه نه هئڻ جي برابر ملي رهيو آهي، جنهن سان ڪيل خرچ به نٿو نڪري.

آبادگارن وفاقي توڙي سنڌ سرڪار کان گُهر ڪئي آهي ته زراعت کي بچائڻ لاءِ فوري زراعت دوست پاليسيون جوڙي زرعي شعبي کي رليف فراهم ڪيو وڃي، ڊالر جي اڏام کي روڪي زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ ڊيزل ڀاڻ زرعي مشينري ۽ ٻين شين تي سبسڊي ڏيڻ سميت ڦٽين جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي ۽ آبادگارن کي شگرملن کان ڪمند جون رهتون بنا دير ڏياريون وڃن.

روز اخبارن ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ٿيندڙ احتجاجن جو خبرون پيون رپورٽ ٿين، سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ آبادگار ۽ هاري پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا، بدين ضلعي ۾ به پاڻيءَ جي کوٽ خلاف هڪ وڏي تحريڪ هلندڙ آهي، پر حڪمران زرعي شعبي کي ڪو رليف ڏيڻ جي بدران پاڻي به نٿا ڏياري سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.