کير معدي لاءِ ڪيترو فائديمند؟…..پڙهندا خبر ۾

پينسلوانيا (ويب ڊيسڪ) سيني ۽ معدي جي جلن گھٽ ڪرڻ لاءِ هڪ گھريلو ٽوٽڪو کير به آهي جنهن بابت چيو ويندو آهي ته اهو مصالحي وارن کاڌن جي تکاڻ گھٽ ڪندو آهي ۽ هاڻي ماهرن ان جا سائنسي ثبوت به پيش ڪيا آهن.

کير مرچن ۽ مصالحن جي شدت کي گھٽ ڪندو آهي. جيتوڻيڪ مٺا شربت به ان جلن کي گھٽ ڪري سگھن ٿا ۽ سافٽ ڊرنڪس ان  ۾ ڪو به ڪردار ادا ناهن ڪندا.

پينسلوانيا اسٽيٽ يونيورسٽي ان ڏس ۾ هڪ ننڍو مطالعو ڪيو آهي جنهن ۾ 72 ماڻهن تي ستن مختلف قسمن جا شربت آزمايا ويا.

 ان تحقيق مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته کير وات ۽ معدي جي جلن کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان بهترين ثابت ٿيو آهي.

مرچن ۾ جلن پيدا ڪندڙ هڪ مرڪب موجود هوندو آهي جنهن کي ڪيپسيسن چيو ويندو آهي. اهو وات ۽ معدي ۾ جلن پيدا ڪندو آهي ۽ کير ۾ موجود خاص پروٽين ان جي شدت ۽ جلن کي ختم ڪندو آهي.

ماهرن رضاڪارن کي پهريان ڪيپسيسن وارو هڪ شربت ڏنو ۽ ان کان پوءِ شدت گھٽ ڪرڻ لاءِ پاڻي، ڪولا، چيري جي ذائقي وارو ڪولا ايڊ، ڪابونيٽ پاڻي، الڪوهل کان سواءِ بيئر، ۽ کير پيئڻ لاءِ ڏنو ۽ ان کان پوءِ کير جا هاڪاري اثر نوٽ ڪيا ويا.

مرچ مصالحن وارا کاڌا کائڻ کان پوءِ کير پيئڻ سان وات، سيني ۽ معدي جي جلن گھٽ ٿي. تقريبن سڀني قسمن جي مرچن ۾ ڪيپسيسن موجود هوندو آهي ۽ کير  ان جي شدت کي گھٽ ڪندو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.