رپورٽ: قمبر: ڳوٺ مڱيو چانڊيو ۾ ڏيرن هٿان قتل ٿيل عورت جي وارثن ۽ ساڃاهه وندن جو احتجاج

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: قمبر: ڳوٺ مڱيو چانڊيو ۾ ڏيرن هٿان قتل ٿيل عورت جي وارثن ۽ ساڃاهه وندن جو احتجاج” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/QAMBIR PKG.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

قمبر  ۾  ڳوٺ مڱيو چانڊيو ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڏيرن هٿان بيگناھ قتل ٿي ويل غلام صغران چانڊيو جي وارثن ۽ ساڃاهه وندن پاران احتجاج ڪيو ويو .

مقتول ناري جي  ڀائرن وقار چانڊيو، غلام مرتضي،سرائي فراز، آصف علي ۽ ڪامريڊ اياز ٻرڙو برڪت جاني سول سوسائٽي جي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  نياڻي کي ڏيرن عبدالوحيد چانڊيو،دلدار چانڊيو ۽  نسيم چانڊيو  بيگناھ قتل ڪيو .

هنن چيو ته نياڻي جا قاتل بااثر آهن ان ڪري کين پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي  نياڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………….

Leave A Reply

Your email address will not be published.