رپورٽ: نوشهروفيروز: ڳوٺ فاضل راڄپر جي اوڏ برادري جو ناري جي اغوا خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
AAAAAAAAAAAAA
عوامي آواز رپورٽAAAAAAAAAAAAA

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ  فاضل راڄپر جي رهواسي اوڏ برادري جي ماڻهن پاران نوجوان ناري جي اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ فاضل راڄپر جي رهواسين  خان اوڏ ،  وزيران اوڏ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنج ڏينهن اڳ جوابدار نديم ۽ الاهي بخش ٻوڙاڻو هٿياربند ساڻ ڪري سندن  سترنهن سالن جي نوجوان ناري شبنم اوڏ کي اغوا ڪري ويا آهن.

هنن چيو ته حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو  آهي پر پوليس ڪوبه تدارڪ نه ڪيو.

هنن دانهيو ته بااثر احتجاج ڪرڻ تي ٻي نياڻي کي به اغوا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن.

متاثرن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته  معاملي جو نوٽس وٺي  ناري بازياب ڪرائي ڦر ڪيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي……………….

Leave A Reply

Your email address will not be published.