نوشهره ۾ پوليس تي فائرنگ، 2 اهلڪار شهيد

نوشهره(ويب ڊيسڪ) نوشره ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ سبب 2 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

ڊي پي او نوشهره موجب نظام پور جي جابلو علائقي تي پوليس ٽيم گشت تي هئي ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڇڏي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ سپاهي اسفنديار ۽ اسد ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا جڏهن ته ايس ايڇ او نظام پور سميت 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

ٽن سخت زخمي اهلڪارن کي پشاور اماڻيو ويو جڏهن ته واقعي کان پوءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.