سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن جي واهر ڪير ڪندو.؟؟

اعجاز چانڊيو

جڏهن اسيمبلين ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ڳالهه نه ڪئي ويندي هجي ۽ جڏهن ننڌڻڪن ماڻهن لاءِ انصاف جا در بند ٿي وڃن، تڏهن پريس ڪلب ماڻهن لاءِ هائيڊ پارڪ بڻجي وڃن ٿا. حيدرآباد پريس ڪلب به مسڪين، بي سهارا، لاچار ۽ غريب ماڻهن لاءِ هائيڊ پارڪ واري حيثيت رکي ٿو، جتي نه رڳو سياسي ۽ سماجي تنظيمون هاري ۽ مزدور احتجاج ڪن ٿا، پر مسڪين ۽ ظلمن جو شڪار فرد ۽ عورتون به اچي دانهن ٿيون. آئون جڏهن صبح جو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پهچندو آهيان ته متاثر ماڻهن جا هجوم هوندا آهن. پر افسوس اهو اٿم جو اهي ننڌڻڪا ماڻهو اس ۾ بيٺل هوندا آهن ۽ پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ ڪو مظاهرو ڪري ۽ ڪو بک هڙتال ڪري پيو دانهيندو آهي، مسئلن جو شڪار انهن ماڻهن ماڻهن کان ڪو به چونڊيل عيوضي ۽ نه ئي ڪو ڪامورو سندن واهر لاءِ پهچندو آهي، سچ ته قلم ڌڻين کانسواءِ سنڌ جي انهن ماڻهن جو هاڻ ڪو به آسرو ناهي رهيو. مسئلن جي شڪار انهن ماڻهن کان قلم ڌڻي حال احوال وٺندا آهن ۽ سندن مسئلن کي قلم ذريعي ايوانن تائين پهچائي سندن مدد ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪندا آهن.

هتي ٻڌائيندو هلان ته بلديا اعليٰ حيدرآباد مان جبري برطرف ڪيل ملازم اڪبر مسيح 94 ڏينهن کان پريس ڪلب سامهون پٽ تي نٽهڻ اس ۾ سخت گرمي باوجود به پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن ساٿين سميت بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪري ويٺل آهن. منهنجي ساڻس جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ته هو مايوس هو، سندس ئي اداري جي ملازم يونين جي اڳواڻ جي ستايل اڪبر مسيح ٻڌايو پئي ته 70 ڏينهن کان هو قهر جهڙي گرمي ۾ هو بک هڙتال تي ويٺل آهي. سندس چوڻ هو ته کيس نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سندس گهرن ۾ فاقاڪشي وارو ماحول ڇانيل آهي، ٻچا بکن وگهي مري رهيا آهن، هيترا ڏينهن بک هڙتال تي ويٺو آهيان، پر ڪير به سندس دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

چوندا آهن ته لاچاري ۽ بيوسي خدا ڪنهن کي نه ڏئي، سحرش نگر جو رهواسي فالج جي مرض ۾ مبتلا شخص عبدالحليم مالي سهائتا لاءِ پنهنجن معصوم ٻارڙن سميت ڪيترن ئي ڏينهن کان پريس ڪلب سامهون بک هڙتال تي ويٺل آهي، هو اوسيئڙي ۾ آهي ته ڪير ٿو ڪڏهن اچي ۽ سندس مالي مدد ڪري، پر شايد ڪنهن به سرندي واري تائين سندس هي دردمندانه اپيل نه پهتي آهي يا ڪير سندس طرف توجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هن مسڪين پئي ٻڌايو ته هو ۽ سندس 2 پٽ فالج ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، سندس هڪ ڳجهه ۽ هڪ دڪان آهي، سندس بيماري جو فائدو وٺندي انهن تي سڳي ڀاءُ قبضو ڪري ورتو آهي، هو بيوس آهي، قبضو ختم نٿو ڪرائي سگهي.

ڪيترن ئي ڏينهن کان حيدرآباد جي علائقي خواجه غريب نواز ڪالوني جي رهواسڻ فنڪاره شاهده شيخ به گهر تي ٿيل قبضي خلاف پنهنجي معصوم نياڻي سميت نٽهڻ اُس ۽ سخت گرمي ۾ بک هڙتال تي ويٺل آهي، پر پنهنجي آواز ذريعي ماڻهن ۾ خوشيون پکيندڙ هن فنڪار جو درد به ڪنهن ناهي ٻڌو، سندس خوشين وارا گيت ته هر ڪو ٻڌي پيو جهومندو آهي پر کيس پهتل تڪليف وارو آواز ڪير به نٿو ٻڌي.

حقيقت ۾ ته پريس ڪلب حيدرآباد غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو آواز آهي، اسان کان ته غريبن جا درد ڏسي ۽ ٻڌي پنهنجا ئي درد وسري ويندا آهن، ويچارا اٻوج ۽ بيوس ماڻهو ڪنهن جي آسري ۾ ويٺا هوندا آهن، پر سندن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي هوندو، اهو منظر ڏسي دل روئي پوندي آهي ۽ اکين ۾ لڙڪ به اچي ويندا آهن ته هنن ستايل اٻوجهه ماڻهن جي واهر ڪرڻ وارو ڪو آهي يا نه.!!

Leave A Reply

Your email address will not be published.