حيدرآباد شهر جي تباهي ۽ برباديءَ جو ذميوار ڪير؟

حسيب لطيفي

حيدرآباد شهر سنڌ جو تاريخي شهر آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي گود ورتل هو ۽ سندس رستا، گهٽيون سنڌوءَ جي جل ٿل سان صاف سٿرا ٿي جرڪندڙ هئا، سنڌ جو ماضيءَ جو تاريخي هي شهر هاڻ گندگي، اُجاڙ، تباهي، بربادي ۽ انتظامي بي ڌياني جي نتيجي ماضيءَ واري اها سڃاڻپ کان هاڻ تمام گهڻو پري هليو آهي، هن شهر سان محبت ڪندڙ ماڻهو اهڙي خراب صورتحال پنهنجي اکين سان ڏسي رت جا ڳوڙها ڳاڙي ويهي رهن ٿا، پنهنجو شاندار ماضي رکندڙ هي شهر هاڻي صرف پنهنجي ڦِٽل قسمت، بدانتظامي، بي ڌياني ۽ نااهلي جي تاريخ رقم ڪري رهيو آهي.

ائين به ناهي ته ڪو هن شهر جي بهتري ۽ ڀلائي واسطي ڪي فنڊ ناهن، پر فنڊ به ملندا رهيا آهن ۽ وڏن پئڪيجن جو اعلان به ٿيندو رهيو آهي ۽ حيدرآباد شهر کي اهڙا ترقياتي پيڪيج ماضيءَ ۾ به ملي چڪا آهن، پر شهر جي تباهيءَ جو واحد ڪارڻ اهو آهي ته اسان وٽ ترقي جي رٿابندي ۾ ڪا به پلاننگ ناهي هوندي، سڌريل ملڪن ۾ ترقياتي رٿائون ايندڙ سئو سالن کي ڏسندي پوريون ڪيون وينديون آهن، پر هتي 5 ڏينهن اڳ ٺهيل روڊ کي ٻيهر کوٽي نوان ٽينڊر ڪڍرائي نوان ٺيڪا وٺي شهرن کي برباد ڪيو ويندو آهي، پاڻي ۽ گئس جي لائينن سميت ٻيون لائينون وڇائڻ جي لاءِ لکين روپين جي ماليت جي ٺهيل نئين روڊ کي وري برباد ڪرڻ هتان جي ترقي وارن ۽ عوامي ڀلائي وارن کاتن جو معمول رهيو آهي، ڪا سوچ ويچار ناهي. هر ادارو پنهنجي نااهلي جو ثبوت ڏيندي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر جي بربادي ۾ حصيدار نظر اچي ٿو، ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪو سرمائيدار، وزير، ڪامورو ۽ ٺيڪيدار پنهنجن مفادن جي لاءِ سوچڻ بجاءِ عوام جي ڀلائي جي لاءِ سوچي؟

نااهلي، بد نيتي، بي ڌياني، غفلت ۽ لاپرواهي عروج تي هجڻ ڪري هن شهر جو حُسن ختم ٿي ويو آهي ۽ بربادي پنهنجي عروج تي پهتل آهي، عوام پنهنجي پيٽ گذر وارن مسئلن ۽ معاملن ۾ مصروف آهي، پر تنهن هوندي به عوام صفائي سٿرائي وارن مسئلن جي حوالي سان ردِعمل ڏيکاريندو رهي ٿو، پر اهڙي ردِعمل کي انتظامي موٽ ناهي ملندي ۽ عوام ردِعمل کي نظرانداز ڪري انتظاميا اهو سمجهي ٿي ته هُنن جو وقت گذري ويندو، پر هتي ذميواري وقت گذارڻ جي ناهي، پر عوام ۽ شهرين جي ڀلي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، ڪارڪردگي ڏيکارڻ، زندهه ضميري جو ثبوت ڏيڻ ۽ پنهنجي شهر جي وارثي ڪرڻ وارو عمل فرض سمجهي توجهه طلب آهي. وقت ته هر ڪنهن جو گذري ويندو، ماضي جي حڪمرانن جو به وقت گذري ويو، پر جن عوام جي خدمت ڪئي آهي تاريخ ۾ انهن جي حيثيت ۽ اهميت سڀني جي آڏو آهي، جن سماج اڏيا، جن تاريخ ٺاهي، جن انسانيت لاءِ پاڻ پتوڙيو، جاکوڙ ڪئي ۽ اڄ به ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪن ٿا. پر جن عوام جي ڀلائي جو سوچڻ بجاءِ پنهنجن مفادن ۽ لساني سياست کي هٿي ڏيڻ وارو ڪم ڪيو تن کي عوام سٺن لفظن سان ياد نٿو ڪري.

حيدرآباد شهر جون جڏهن پراڻيون تصويرون انٽرنيٽ جي ذريعي نظر مان گذرن ٿيون ته دل ۾ اهو خيال ضرور اڀري اچي ٿو ته ڪاش حيدرآباد شهر جا اهي سٺا ڏينهن وري واپس موٽي اچن، پر وري جڏهن شهر جي موجوده صورتحال کي ڏسبو ته شهر جو ماضي موٽي اچڻ جي اميد گهٽجي وڃي ٿي.

حيدرآباد جو شهر جيڪو ماضي ۾ خوشبوئن جو شهر به سمجهيو ويندو هو، اڄ ان شهر ۾ هرطرف ڌپ ئي ڌپ پکڙيل آهي، پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي، صفائي سٿرائي ۽ اسٽريٽ لائيٽ جهڙن بنيادي مسئلن کي اڃا تائين حل نه ڪيو ويو آهي، ان ڪري نه صرف حيدرآباد پر سنڌ جي سمورن شهرن جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن هڪ طرف شهرين جا مسئلا حل ٿي سگهن ته ٻئي طرف ڪنهن تنظيم کي چونڊن ۾ ڪاميابي ڏيارڻ لاءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح جيڪي ڪوششون ڪيون وينديون آهن تن جي رستا روڪ ٿي سگهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.