گهڻي قدر ڇوڪرين جو سڀ کان وڏو مسئلو چهري تي نڪرندڙ داڻا هوندا آهن، جن جي خاتمي لاءِ ڇوڪريون ڪيترائي جتن ڪرڻ باوجود جلد صاف ڪرڻ ۾ ناڪام رهنديون آهن.
پر هاڻ انهن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، داڻن جي خاتمي لاءِ توهان کي رڳو ٽن شين جي استعمال جي ضرورت پوندي ۽ توهان جي جلد صاف ٿي ويندي.
شيون ۽ طريقو:
ٻه چمچا بيسڻ ۾ برابر مقدار ۾ کير ۽ اڌ چمچو هيڊ ملائي پيسٽ ٺاهي ڇڏيو ۽ چهري تي لڳايو، پوءِ هلڪي گرم پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو. اسان جو ٻڌايل ماسڪ هڪ هفتي ۾ ٻه ڀيرا آزمايو.
ان سان توهان جي چهري تان داڻا ختم ٿي ويندا ۽ جلد مڪمل طور صاف ٿي ويندي.