گرمي جي موسم ۾ کيرو کائڻ  جا فائدا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرمين جي موسم اسان جي جسم کي ساڻو ۽ بک ختم ڪري ڇڏيندي آهي، گرم موسم ۾ روايتي کاڌا کائڻ گھڻو ڏکيو لڳندو آهي.

پر جسم جون گھربل غذائي ضرورتون به پوريون ڪرڻيون آهن، تنهنڪري اهڙا کاڌا کائڻ گھرجن جيڪي هن موسم ۾ جسم کي هلڪو رکن ۽ جسم کي توانائي به فراهم ڪن.

کيرو گرمي جي موسم لاءِ اهڙي جادوئي خوراڪ آهي. جيڪو پنهنجي اندر ڪيترائي فائدا رکندو آهي.

گرمين جي موسم ۾ جڏهن عام طور تي گھڻا ماڻهو تيزابيت جي شڪايت ڪندا آهن، کيرو ان کي ختم ڪرڻ لاءِ سولو علاج آهي. کيري ۾ اهڙيون وٽامنز هونديون آهن جيڪي معدي جي جلن، تيزابيت ۽ السر جهڙين بيمارين کان محفوظ رکندا آهن.

کيري ۾ ڪاربوهائڊريٽس، پروٽين ۽ ڪيلشيئم به موجود هوندا آهن جنهن سبب معدي ۾ ويندڙ غير هاضميدار خوراڪ ۽ تيزابيت وارا جزا سولائي سان ختم ٿي ويندا آهن ۽ السر کان بچاءَ ممڪن هوندو آهي.

کيري ۾ پاڻي جو مقدار گھڻو هوندو آهي جنهن سان جسم ۾ پاڻي جو تناسب برقرار رهندو آهي. ان ۾ موجود وٽامن بي جو وڏو مقدار رڳو دماغي ڪارڪردگي ۾ توازن پيدا ڪندو آهي ۽ ان جو  باقاعدا استعمال ذهني دٻاءَ سبب جسم تي ناڪاري اثر به ناهي پوڻ ڏيندو.

کائڻ کان اڳ کيرو کائڻ بک گھٽ ڪرڻ ۽ وڌائڻ ٻنهي ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو. ڊائٽنگ ڪندڙن ۽ وزن وڌائيندڙ ماڻهو ٻئي کائڻ کان اڳ کيرو کائي گھربل فائدا حاصل ڪري سگھو ٿا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.