حڪومت نئين اشتهاري پاليسي آڻي پئي، پرنٽ ميڊيا جي اهميت ختم ناهي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (پ ر)  سڌ سماءُ واري خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته حڪومت نئين ميڊيا اشتهاري پاليسي آڻي رهي آهي، ان حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز  ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته سي پي اين اي جي صدر  عارف نطامي ۽ ٻين ميمبرن کي اسلام آباد  اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿي، هن چيو ته  نئين اشتهاري پاليسي ايندڙ  مهيني  جي ٻئي هفتي ڪابينا آڏو پيش ڪنداسين اشتهاري ايجنسين جي ڪردار ۾  تبديليون متعارف  ڪرائينداسين اسان ميڊيا لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري رهيا آهيون، ميڊيا مالڪن  کي معاشي آزادي ڏيڻ چاهيون ته جيئن ميڊيا ورڪز کي وقت سر پگهارون ملن،  پاڪستان ۾ منفي ۽ جعلي خبرن جون به تدارڪ ڪرڻ گهرجي. پرنٽ ميڊيا جي اهميت ختم ناهي ٿيندي، ان جو اهم ڪردار آهي، وقت سان گڏ سوشل ميڊيا به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پنهنجي نئين اشتهاري پاليسي ۾ حصيدار بڻائي رهيا آهيون ته جيئن ان کي به آنر شپ ملي، هن چيو ته ان کان اڳ پريس کي خطرو سمجهيو ويندو هو، وزيراعظم  کي اوهان جو پيغام  پهچايو آهي ته توهان ان سان ملاقات  ڪرڻ چاهيو ٿا، حڪومتي ترجمان ان وقت تائين مڪمل  فعال نه ٿا ٿي سگهن جيستائين هو ميڊيا جو ترجمان نه ٿو بڻجي، هن شعر پڙهندي چيو ته جڏهن دوا ۽ مرهم ڪرڻ وارو هڪ ئي ڊاڪٽر آهي ته اوهان  محفوظ هٿن ۾ آهيو. وزيراعظم عمران خان  ميڊيا جي طاقت کي مڃيو آهي اسان  ميڊيا کي اثرائتو رابطي جو ذريعو سمجهون ٿا،  هن چيو ته حڪومتي بيان ميڊيا کان سواءِ عوام تائين  نه ٿو پهچي سگهي. هن چيو  ته  اڳوڻي حڪومت اشتهار مخصوص  ماڻهن کي پنهنجو پاڻ پڏائڻ لاءِ ڏنا پوءِ به اسان فيصلو ڪيو ته بقايائون ادا ڪرڻ شروع ڪيون، ميڊيا جا سمورا جائز مطالبا پورا ڪرڻ اسان جي ذميواري ۽ ويزن آهي ان جو مقصد  سڀ کان وڌيڪ ميڊيا ورڪرز متاثر ٿيندو آهي ۽ ميڊيا  ورڪرز عمران خان جي  دل جي ويجهو آهن، هن ان احساس تحت شوڪت خانم ، پناهه گاهه، احساس ۽ ڪفالت پروگرام  شروع ڪيا، عيد کان اڳ بقايائو، جاري ڪيون هيون ان مان ڪجهه ادارن ورڪرز کي پگهارون ڏنيون ۽ ڪجهه ادا نه ڪيون، پراڻي اشتهاري پاليسي ۾85 سيڪڙو وارن کي 15 سيڪڙو وارن جو محتاج بڻايو ويو، ايجنسين جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون انهن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪاروبار ملندو. ذاتي مفاد ۾ ڪنهن کي ڪاروبار نه ملندو. سڌارن تي  عملدرآمد ايمنسٽي اسڪيم جي ڪري روڪيو  ته جئين ان ۾ دير نه ٿي، اسان جلد اسٽيسڪو کي ختم ڪنداسين. هن چيو ته اخبارن جي اي بي سي جي حوالي سان سڌارن تي عمل ڪنداسين. سي پي اين اي اڳواڻن جي رهبري ۽ مدد  گهرجي ،هن چيو ته هڪ طرفي ڳالهه سان غلط  فهميون پيدا ٿينديون آهن، جنهن سان بحران جنم وٺندو آهي. ان موقعي تي سي پي اين اي جي صدر عارف نظامي چيو ته موجوده حڪومت اسان جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ميڊيا ۽ حڪومت  جو هڪ پيج تي گڏ هجڻ  ضروري آهي، سڌ سماءُ جي نئين وزير اچڻ سان مسئلا حل طرف  وڃن ٿا. ملڪ ۾  خانگي ۽ سرڪاري ادارا  معاشي بحران جو شڪار آهن، اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين چيو ته ميڊيا ۽ حڪومت هڪ ٻئي کانسواءِ  نه ٿا هلي سگهن. مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي کي گڏ ٿيڻو پوندو، جولاءِ تائين وڌيڪ بقايائون ادا ڪيون وينديون، ڪوشش  آهي ته سموريون رهتون ادا ڪيون، 18 ترميم باوجود علائقائي اخبارن  کي ڪوٽا تحت اشتهار ڏنا پيا وڃن، پي آءِ او طاهر خوشنود چيو ته اشتهارن جي عمل کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري رهيا آهيون، ان موقعي تي سي پي اين اي جي عهديدارن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته  اشتهاري ڪمپنين جو احتساب ٿيڻ گهرجي، اشتهاري ايجنسيون حڪومت کان رهتون حاصل ڪرڻ باوجود اخبارن کي ادا نه ٿيون ڪن اهو وڏو مسئلو حل آهي. سي پي اين اي ميمبرن تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود  طرفان قومي اسيمبلي ۾ اخبارن جا نالا کڻي ڊمي قرار ڏيڻ جي شديد مذمت ڪئي ۽  مطالبو ڪيو ته هو پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري، هن حڪومت کان مطالبو آهي ويج بورڊ کي ختم ڪيو وڃي، هي آزاد صحافت تي وار برابر آهي، اجلاس ۾ بلوچستان حڪومت طرفان سينيئر صحافي صديق بلوچ مرحوم جي نالي سان اڪيڊمي کولڻ واري اعلان جي ساراهه پڻ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.