سنڌ اسيمبلي ۾ گوڙ، متحده وارن کي مهاجر هجڻ تي فخر، سنڌ خلاف ڪير ڳالهائيندو ته جهيڙو ٿيندو: سردار شاهه

 ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾  گوڙ، سنڌ سرڪار  ۽ وفاق تي تنقيد. سنڌ اسيمبلي جواجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ شروع ٿيو، ٽي ايل پي جي محمد قاسم فخري چيو ته ملڪ قرض ۾ ٻڏل آهي حڪمران قرض مٿان قرض وٺي رهيا آهن.  غلام قادرقادر چانڊيو چيو ته ملڪي سياست ۾ گارگند جو سلسلو ڪنٽينر کان شروع ٿيو. رواج وجهندڙ پي ٽي آءِ وارا آهن. هن چيو ته  فريال ٽالپر مشرف جو ڄمي مقابلو ڪيو. پي ٽي آءِ جي شاهنواز جدون چيو ته سنڌ جا هڪ هزار ارب يا اومني گروپ،يا شربت يا پاپا کپائڻ وارن جي اڪائونٽ ۾ هليا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي،سنڌ ڏانهن ڪنهن ميري اک سان ڏٺو ته 70 لک پختون اڳيان اڳيان هوندا.  پيپلزپارٽي جو  هڪ به پختون ايم پي اي ناهي. ان دوران  شاهنواز جدون جي تقرير تي پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو۽ ڊاڪٽر سهراب سرڪي  اعتراض ڪيو، ڪلثوم چانڊيو چيو ته مون پنهنجي تقريردوران ڪنهن به پٺاڻ کي گهٽ وڌ ناهي ڳالهايو،  سهراب سرڪي ڳالهائيندي چيو ته مون پنهنجي تقرير ۾ ڪڏهن ناهي چيو ته پٺاڻ هتان نڪري وڃن. پٺاڻ ڀائر آهن هتي روزگار سانگي اچن ٿا،ڀلي اچن. پ پ جي پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار پاران جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي کي نندو سڏڻ تي جي ڊي اي ميمبرن  احتجاج  ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.