پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرور سيال جو ٽي وي پروگرام ۾ صحافي امتياز فاران تي حملو

ڪراچي ( رپورٽر ) پي ٽي آءِ اڳوڻ مسرور سيال ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ۽ سينيئرصحافي امتياز خان فاران تي هڪ پروگرام دوران تنقيد برداشت ڪرڻ بجاءِ حملو ڪيو، گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ هڪ ٽي وي پروگرام دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مسرور سيال تحريڪ انصاف حڪومت تي تنقيد ڪرڻ تي سينيئر صحافي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر امتياز خان فاران تي حملو ڪيو، مسرور سيال غنڊه گردي ڪري امتياز خان فاران سان هٿين پئجي ويو، هو پريس ڪلب جي صدر کي گارگند پڻ ڪندو رهيو. ٻئي پاسي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صحافين ۾ تاءُ پکڙجي ويو، صحافتي تنظيمن طرفان اهڙي عمل کي اظهار جي آزادي تي حملو قرار ڏنو، جڏهن ته ٻئي طرف پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جو هنگامي اجلاس پڻ اڄ طلب ڪيو ويو آهي، هوڏنهن پيپلز پارٽي توڙي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران ڪراچي پريس ڪلب جي صدر تي حملي جي مذمت ڪئي آهي،امتياز فاران چيو ته مسرور سيال بدتميزي ڪئي، ميزبان صحافي ۽  ميڊيا هائوس جي احترام سبب پروگرام ۾ موجود رهيس. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينيئر صحافي امتياز فاران تي هڪ ٽي وي شو ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڪٺ پتلين ثابت ڪيو آهي ته فاشزم ئي سندن نظريو آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي پارٽي ڪارڪنن جي ڪهڙي تربيت ڪئي آهي ۽ پي ٽي آءِ صحافين جو آواز دٻائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندي، پ پ هن موقعي تي صحافين سان گڏ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.