گهوٽڪي ۾ چونڊ مهم تيز، سرڪاري ملڪيتن تان پوسٽر هٽائڻ جو حڪم

گهوٽڪي ( رپورٽ آزاد مهر )  اڳوڻي وفاقي وزير علي محمد مھر جي وفات سبب خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ گھوٽڪي ۽ خانڳڙہ تڪ تي وڏي پيماني تي سرگرميون شروع ڪيون ويون آھن، آزاد اميدوار احمد علي مھر کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ  جي ڊي اي ايم پي اي علي گوھر مھر ۽ سندس اتحادين توڙي پ پ سان واڳيل چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن  ورڪ شروع ڪري ڇڏي آھي.  جڏھن ته پ پ ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجي، احسان سندراڻي ۽ ٻين پ پ اڳواڻ محمد بخش مھر جي ڪاميابي لاءِ  ڪوششون تيز  ڪري ڇڏيون آهن.  جڏھن ته  آزاد اميدوار توڙي پ پ اميدوار جي ڪاميابي لاءِ  مقامي سياستدانن کي عذر خواھيون به  ياد اچي ويون آھن.  ھوڏانھن ننڍي چونڊ لاءِ  پولنگ اسٽيشنن لاءِ عملي کي تربيت ڏئي تڪ جي ووٽرن کي پولنگ اسٽيشنن تي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ  ترتيب ڏنل پولنگن تي ھڪ ھفتي اندر اعتراض ۽ صلاحون  داخل ڪرائڻ لاءِ  درخواستون جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي. ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي خالد سليم ضلعي گهوٽڪي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت صوبائي توڙي وفاقي کاتن ڏانهن هڪ ليٽر اماڻي کين هدايت ڪئي آهي ته ننڍي چونڊ دوران سرڪاري عمارتن توڙي هنڌن تان پينافليڪس، پفليٽ ۽ پوسٽر وغيره فوري طور تي هٽايا وڃن. 03

محمد بخش ۽ احمد علي جي فارمن بابت  اڄ ٻڌڻي،پتافي خلاف درخواست رد

سکر (رپورٽ:شفيع محمدابڙو) اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل پ پ اُميدوار محمد بخش مهر جي نامزدگي فارم رد ڪرڻ خلاف اپيل تي ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.  سکر جي اليڪشن ٽربيونل طرفان اين اي 205 گهوٽڪي تي پ پ اُميدوار محمد بخش مهر جو نامزدگي فارم بحال ٿيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٽربيونل جي جج جسٽس محمد جنيف غفار جي عدالت ۾ ٿي، درخواست ۾ فارم رد ڪرڻ جي اپيل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته محمد بخش مهر نامزدگي ڪاغذن ۾ 2 هزار ايڪڙ زمين لڪائي آهي. اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل اهڙي درخواست تي رٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين واڳيل ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. واضح رهي ته رٽرننگ آفيسر طرفان محمد بخش مهر جو نامزدگي فارم بحال ڪيو ويو هو. سکر جي اليڪشن ٽربيونل اين اي 205 تي پ پ جي هڪ ٻئي اُميدوار عبدالباري پتافي خلاف فدا حسين مهر جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سردار علي محمد خان مهر جي پٽ  احمد علي  خان مهر جي آزاد اميدوار طور فارم بحال ٿيڻ خلاف به اليڪشن ٽريبيونل ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس محمد جند غفار ڌرين کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي.

ھوڏانھن اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل چونڊ شيڊول موجب داخل ڪيل سڀني اپيلن تي اليڪشن ٽربيونل 25 جون تائين پنھنجو فيصلو ٻڌائيندو،. جنھن کانپوء 26 جون تي اميدوارن جي نالن جي حتمي لسٽ لڳائي ويندي ۽ 27 جون تي اميدوار ھٿ کڻي سگھندا، اھڙي ريت 28 جون تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا . 03

عام چونڊن وانگر مون کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سازش پئي ٿئي :محمد بخش مهر

خانپورمهر(رپورٽ: ميهر مهر) اين اي 205 جي پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته ننڍي چونڊ ۾  سندس خلاف وڏي سازش ھلي رهي آھي ۽ 2018 ع جي عام چونڊن جهڙيون کيس ٻاهر ڪرائڻ جون  حرڪتون ٿي رهيون آھن  پر کيس پنهنجي پالڻھار ۔ ادارن ۽ عوام تي يقين آھي ته هن ڀيري گذريل اليڪشن جهڙا نتيجا نه ايندا، خانڳڙھ ۾ مهر برادري ۔ پيپلزپارٽي جي ورڪرن ۽ اتحادين سان ٿيل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان جيترو وقت حڪومت ۾ رهيو آھيان اوترو وقت علائقي ۽ سنڌ جي خدمت ڪئي آھي، سندس چوڻ ھو ته پوري ضلعي ۾ اڄ جيڪي به ڪم ٿيا آھن اهي پ پ دور ۾ ئي ٿيا آھن ۽ اڳتي به ضلعي ۾ خوشحالي پيپلز پارٽي ئي آڻيندي ۔ سندس چوڻ ھو ته هو اها ڳالهه دعوا ۽ فخر سان ڪري ٿو ته سندس والد سردار غلام محمد خان مهر علائقي واسين کان خدمت جي بدلي محبتون ورتيون ۽ هو ان جو رهيل مشن پورو ڪرڻ لاء ميدان تي لٿو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.