ڏهرڪي ۾ ڀوتار جي ٽرڙن پٽن جي بي حيائي، جيب چاڙهي قيدي پيرسن هاري جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي

ڏهرڪي (رپوررٽ اسد لغاري/ منصور پيرزادو) ڏهرڪي جي ريگستان واري علائقي عطر خان  مهر ۾ وڏيري دادن خان مهر جي پٽن ڀورو خان مهر ,ميجر خان مهر ڏهن سالن کان وٺي پنهنجي ريگستان واري شاهي ڪوٽ ۾ ملڪ برداري جي راڻو ملڪ جي 30 گهر ڀاتين کي ڏهن سالن کان وٺي مبينا قيد ڪري ڇڏيو آھي,ان سلسلي ۾ نوجوان قادر بخش ملڪ ميڊيا وٽ پهچي دانهيو ته وڏيرن گذريل رات پاڻي جو ڊم چوري ٿيڻ بعد  وڏيرن ڀورل مهر ۽ مهر  پيرسن والد راڻو ملڪ  مٿان جيپ چاڙهي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي آھي,ميڊيا جي ٽيم ريگستان پهتي جتي پيرسن راڻو ملڪ چيو ته اسان ڏهن سالن سالن کان وٺي وڏيري جي ڪوٽ ۾ قيد آھيون ۽ اسان جون عورتون به وڏيرن جي گهرن ۾ نوڪرياڻيون آھن ۽ اسان به نوڪرن وانگر ڪم ڪندا آھيون گذريل رات وڏيري ڀورل جو پاڻي جو ڊم  گم ٿيو ته وڏيرا مڇري پيا وڏيري دادن خان مهر جي پٽن ميجر خان مهر، ڀورل خان مهر اسان مٿان ڊم چوري جو الزام لڳائي منهنجي مٿان جيپ چاڙهي منهنجي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي آھي ۽ منهنجي ٻن پٽن مانجهي ملڪ ۽ نديم ملڪ  مٿان تشدد ڪري اڌ مئو ڪري کينجهو ٿاڻي تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اسان جي عورتن مٿان تشدد ڪيو ويو آھي اسان کي قيد مان آزاد به نه ٿو ڪيو وڃي ,مائي بچي ملڪ، رخسانه ملڪ لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته وڏيرن ڀورل خان ۽ ميجر خان  وارن جي گهرن جي ڪم ڪار ڪرڻ لاء اسان قيد بڻيل آھيون,مائي بچي ٻڌايو ته وڏيرن مون تي تشدد ڪيو آھي مان نه ٿي ڏيکاري سگهان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.