ڀان سيدآباد ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،هڪ ڄڻو قتل

ڀان سيدآباد  (ويب ڊيسڪ) ڀان سيد آباد جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي ويا.

ڀان سيدآباد شھر جي قبول شاھ محلي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين گهرو تڪرار تان جيھڙو ٿي پيو.  جهيڙي سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2  ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جهيڙي ۾ فائرنگ سبب  دڪاندار الله واريو جمالي ۽ عمل جمالي سميت 3 ڄڻا سخت زخمي  ٿي پيا.

جنهن کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي سيهوڻ اسپتال پهچايو  جتي عمل جمالي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ، جڏهن ته الله ورائي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.