سنجراڻي طرفان زرداري کان مدد طلب، مريم ڌيءَ آهي، فيصلو گڏيل اپوزيشن ڪندي: آصف

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي پيپلزپارٽي کان مدد طلب ڪري ورتي، گذريل ڏينهن موڪل باوجود  سينيٽ چيئرمين  پارليامينٽ هائوس پهچي ويو ۽ پ پ جي ڪوچيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ،جنهن ۾ گڏيل مخالف ڌر پاران کيس هٽائڻ ۽ موجوده ملڪي صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته هن آصف زرداري سان غلط فهميون ختم ڪرڻ جون به ڪوششون ڪيون، صادق سنجراڻي چيو ته چيئرمين سينيٽ آئيني عهدو آهي،اميد آهي ته پ پ منهنجي خلاف ٻين پارٽين جو ساٿ نه ڏيندي،ان موقعي تي صادق سنجراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي خبر پئي ته آصف زرداري بيمار آهي، هن جي خيريت پڇڻ آيو هئس، صحافي سوال ڪيو ته اپوزيشن طرفان عدم اعتماد جي امڪاني تحريڪ کان پريشان آهيو، جنهن جي جواب ۾ صادق سنجراڻي چيو ته  بلڪل به پريشان ناهيان، مون کي هٽائڻ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن اي پي سي ٿيندي ته ڏٺو ويندو، هوڏانهن ن ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق به بلاول ڀٽو زرداري جي چئمبر ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ ميثاق معيشت، بجيٽ، اي پي سي ۽ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي  آصف زرداري چيو ته سعد رفيق سان ملاقات سٺي رهي، جيڪڏهن سينيٽ چيئرمين خلاف ڪا عدم اعتماد تحريڪ آئي ته توهان کان پڇي ايندي، ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته ڇا سينيٽ چيئرمين توازن برقرار رکي سگهندو، زرداري کلندي چيو ته سياست جون ڳالهيون آهن، سياسي ماڻهن کان پڇو، اسان کي ڪهڙي خبر؟ جڏهن ته خواجا سعد رفيق چيو ته جڏهن سياسي ماڻهو ملندا آهن ته سياست تي ڳالهائيندا آهن، زرداري صاحب سان چانهه جو ڪوپ گڏ پيتو،

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ۾ پيپلزپارٽي اميدوار جي گرفتاري ڌانڌلي جي شروعات آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي ساک جي لاءِ عمران مخلص وزير جي آزادي کي يقيني بڻائي.آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته چونڊ عمل جي دوران پيپلزپارٽي جي اميدوار جي گرفتاري قابل مذمت ۽ چونڊ جي ساک تي سواليا نشان آهي. جڏهن ته گرفتارين سان پيپلزپارٽي جي حامين جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا.اڳوڻي صدر پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مريم بي بي اسان جي ڌيءَ آهي. اسان جو پنهنجو نظريو آهي ته جيڪو فيصلو ٿيندو متحده اپوزيشن جو ٿيندو. هڪ پارٽي جو ڪوبه فيصلو نه هوندو.هن مفاهمت بابت سوال تي چيو ته توهان ڪيئن چئي سگهو ٿا مفاهمت جو سلسلو شروع ٿيو؟ توهان جوسوال ئي غلط آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.