ڪراچي مان اغوا ٿيل شاگردياڻي وديا جو پتو نه پيو، وارثن جو پوليس خلاف مظاهرو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان مبينه طور اغوا ٿيل نائين ڪلاس جي شاگردياڻي وديا جو پتو نه پيو، وارثن جو پوليس خلاف مظاهرو، نعريبازي، ڪراچي جي مهيشوري برادري طرفان ڪالهه پريس ڪلب آڏو  احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، جن تي هندو نياڻين جي زبردستي مذهب تبديلي خلاف نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي راج، راجيش ۽ ٻين چيو ته 20 مئي تي ماڙيپور جي ٽڪري ڳوٺ مان 14 ورهين جي وديا مهيشوري کي اغوا ڪيو ويو ، ماڙيپور پوليس ڇوڪريءَ کي بازياب ڪرائڻ بدران رڳو دلاسا ڏئي رهي آهي. هنن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ جي سرزمين اسان لاءِ تنگ ڪئي پئي وڃي، اسان آخر ڪنهن کي دانهن ڏيون، اسان جي عزت به هاڻي محفوظ ناهي. هنن چيو ته وڏو وزير سنجيدگي سان معاملي کي ڏسي، اسان کي اسان جي نياڻي واپس ڪرائي وڃي، نياڻين کي اغوا بعد انهن کي مسلمان ڪري عدالتن ۾ پرڻا ڪيا وڃن ٿا، ننڍي عمر جي ڇوڪرين جا فيصلا تسليم نه ڪنداسين.043041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.