فون تي ڳالهائڻ کان انڪار، لاڙڪاڻي ۾جنوني شخص پرڻيل عورت تي تيزاب هاري فرار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ايوب ڪالوني ۾ ذوالفقار ٿهيم شادي شده عورت شاهده زال وسيم قاضي کي مبينا طور فون تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪرڻ واري ڳالهه تان تيزاب هاري کيس سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، جنهن بعد زخمي عورت کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي عورت جي مڙس وسيم قاضي ٻڌايو ته اسان جي خاندان وارن جو ذوالفقار ٿهيم سان ڪو به واسطو ناهي، جنهن بيگناهه گهر واري مٿان تيزاب هاري ظلم ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته پوليس اصل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ بيگناهه علي رضا نالي نوجوان کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو واقعي ۾ ملوث ئي ناهي. هن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان حيدري ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته ذوالفقار ٿهيم زخمي ٿيل عورت جي مڙس وسيم قاضي جو مائٽ آهي، جنهن اڄ فون تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪرڻ تان عورت مسمات شاهده قاضي مٿان تيزاب هاري کيس زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي. جڏهن ته اهڙي واقعي جو ڪيس وسيم قاضي جي فرياد تي داخل ڪري ملوث جوابدار جي ڀاءُ علي رضا ٿهيم کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.