ڪراچي ۾ پ پ جي ريلي، گرفتارين نه پر بجٽ خلاف رستن تي نڪتا آهيون: سعيد غني

ڪراچي ( رپورٽر )  بجيٽ ۽ قيادت جي گرفتارين خلاف پيپلز پارٽي جي سڏ تي ڪراچي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو  آهي ته پارٽي سربراهن جي گرفتارين باوجود حڪومت مخالف تحريڪ ضرور هلندي، بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ مهيني ڪراچي ۾ وڏي جلسي کي خطاب ڪندو، ريلي کي خطاب ڪندي مڪاني کاتن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آءِ ايم ايف بجيٽ کان اڳ پيپلز پارٽي جي قيادت کي گرفتار ڪيو ويو ته جئين پيپلز پارٽي کي ڊيڄاري سگهجي. هن چيو ته بلاول ڀٽو گرفتارين خلاف نه پر غريب عوام جي حقن جي جنگ وڙهڻ نڪتو آهي. سعيد غني چيو ته بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ حڪومت وٽ ووٽ ناهن جڏهن ته هوءَ بجيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ٻين اتحادين کان مدد پئي گهري ان کان اڳ  پيپلز سيڪريٽريٽ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي قيادت پيپلز پارٽي جي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن، ڪراچي ڊويزن جي عهديدارن ڪئي، پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقارمهدي، راشدرباني، عاجزڌامراهه، مرتضيٰ بلوچ، ساجد جوکيو، حبيب الدين جنيدي، مرزا مقبول، سردار خان، امان الله محسود، آصف خان، خالد لطيف، لياقت آسڪاني، خليل هوت، جاويد شيخ، علي احمد، جاويد ناياب لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.