حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ جدوجهد جاري رکندي: نور الحق قادري

ڪوئٽا ( ويب ڊيسڪ ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو آهي ته عمران خان جو ڪوڙ يوٽرن نه پر سياسي بصيرت آهي،  حڪومت عوام جي بهتري لاءِ جدوجهد جاري رکندي. ڪوئٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نور الحق قادري چيو ته  مولانا فضل الرحمان پنهنجي اي پي سي جو شوق پورو ڪري، حڪومت عوام جي بهتري لاءِ جدوجهد جاري رکندي. هن چيو ته  مخالف ڌر جي اي پي سي جي ڪابه اهميت ناهي، جيڪڏهن فيصلا روڊن تي ڪرڻا آهي ته اهو ڪم تحريڪ انصاف لاءِ سولو آهي. سندس چوڻ هو ته بي اين پي جا خدشا بلوچستان جي بقا لاءِ آهن، جيڪڏهن يوٽرن ملڪي مفاد ۾ هجي ته وٺي سگهجي ٿو، مخالف يوٽرن کي ڪوڙ ۽ اسان وري حڪمت عملي سمجهون ٿا. سندس چوڻ هو ته  بلوچستان جي حج ڪوٽا تي غور ڪيو پيو وڃي، ايندڙ سال بهتري ايندي. مذهبي معاملن جي وزير چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان ڪوئٽا کان حج جي سڌي اڏام ڪئي ويندي. هن چيو ته سمورن مدرسن کي حڪومت جي ون نيشن ون ايجوڪيشن فارمولي تي اچڻو پوندو، مدرسن سان ديني ۽ تعليمي ادارن جي طور تي ورتاءُ ڪرڻ گهرجي. نور الحق قادري چيو ته ملڪ ۾ ديني مدرسن جي رجسٽريشن سٺو ڪم آهي، اقليتن جا مسئلا ٻڌي ملڪ ۾ سندن ضرورتن جو خيال رکڻ گهرجي، مرڪزي حڪومت بلوچستان جا سمورا مسئلا حل ڪندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.