ورلڊ ڪپ 2019: پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 49 رنسن تان هارائي ڇڏيو

 

لارڊز (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي 30هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 49 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

لارڊز ۾ پاڪستان طرفان مليل 309 رنسن جي هدف پويان ڏکڻ آفريڪي ٽيم مقرر اوورن ۾ 259 رنسون ٺاهي سگهي.

ڏکڻ آفريڪي ڪپتان فاف ڊوپليسي 69 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 47، اينڊائل ڦيلڪوايو 46، وان ڊر ڊوسين 36، ڊيوڊ ملر 31، رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان وهاب رياض ۽ شاداب خان 3-3، محمد عامر 2، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي هڪ وڪيٽ ورتي.

ان کان اڳ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي قومي ٽيم حارث سهيل جي شاندار اننگز عيوض مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون ٺاهيون.

شعيب ملڪ جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيل حارث سهيل 59 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 89 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.

ٻين بيٽسمينن ۾ بابر اعظم 69، اوپنر امام الحق ۽ فخر زمان ترتيب وار 44-44، عماد وسيم 23 ۽ محمد حفيظ 20 رنسون ٺاهيون.

ڏکڻ آفريڪا طرفان لنگي اينگڊي 3، عمران طاهر 2، جڏهن ته اينڊائل ڦيلڪوايو ۽ ايڊن مارڪرم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.