فلم ”پري هٽ لَو“ جو ٽريلر ڇانئجي ويو

 

لاهور (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا ماهرا خان، شهريار منور، مايا علي ۽ فواد خان جي فلم ”پري هٽ لو“ جو ٽريلر جاري ٿي ويو، جيڪو شوقينن ۾ گهڻو مشهور ٿي ويو آهي.

ماهرا خان، شهريار، منور ۽ مايا علي جي فلم ”پري هٽ لو“ جو انتظار شوقين بيچيني سان ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته فلم جو ٽريلر جاري ٿيندي ئي مشهور ٿي ويو آهي.

ٽريلر ۾ شهريار منور ٽي وي اداڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو شادي کان بيزار ڪنهن سٺي رول جي تلاش ۾ آهي. شهريار منور جي زندگي ۾ ان وقت نئون موڙ ايندو آهي، جڏهن ان جي زندگي ۾ مايا علي اونداهه ۾ روشني جي اميد بڻجي ايندي آهي. هڪ پاسي ٽريلر ۾ مايا علي ۽ شهريار جي وچ ۾ رومانس ڏيکاريو ويو آهي، اتي ئي ٻئي پاسي مايا شهريار کي ڌوڪو ڏيندي نظر اچي رهي آهي.

فلم ۾ ماهرا خان پنهنجي گذريل فلمن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ منفرد ڪردار  ۾ نظر ايندي ۽ شوقينن ۾ ماهرا خان جو اهو انداز اڳ ئي مشهور ٿي چڪو آهي.

”پري هٽ لو“ ۾ شهريار منور ۽ مايا علي مک ڪردار نڀائيندي، جڏهن ته ماهرا خان جو به اهم ڪردار هوندو، ٻي ڪاسٽ ۾ نديم بيگ، زارا نور عباس، احمد علي بٽ ۽ حنا دلپريز شامل آهن، جڏهن ته اداڪارا ميرا، سونيا جهان ۽ فواد خان ملڪ ۾ مهمان اداڪار طور نظر ايندا.

عاصم رضا جي هدايتڪاري تي ٺهندڙ فلم ”پري هٽ لو“ جو ٽريلر يو ٽيوب تي هيل تائين لکين وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن. جڏهن ته فلم عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.