رپورٽ: ڀرياسٽي: ڳوٺاڻن پاران پوليس چڙهائي خلاف مظاهرو

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڀرياسٽي: ڳوٺاڻن پاران پوليس چڙهائي خلاف مظاهرو
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڀرياسٽي: ڳوٺاڻن پاران پوليس چڙهائي خلاف مظاهرو

ڀرياسٽي ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن محرم لاکو،  بلاول، ابوبڪر، مسمات ريما، مسمات حرمت لاکو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن ڀرياسٽي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاهرو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس چادر ۽ چوئديواري جو تقدس پئمال ڪندي گهر اندر داخل ٿي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي مٿان سخت تشدد بعد ٻن نوجوانن منور لاکو ۽ صديق عرف ڏاڏو لاکو کي زبردستي کنڀي کڻي وئي.

هنن چيو ته پوليس گهر ۾ پيل روڪ رقم 20 هزار ۽ سونا زيورن سميت ٻيو قيمتي سامان کڻي وئي آهي.

ڳوٺاڻن چيو ته کين خدشو آهي ته پوليس سندن نوجوانن کي ڪوري مقابلي ۾ ماري نه ڇڏي.

لاکا برادري مطالبو ڪيو ته پوليس خلاف ڪارروائي ڪري سندن نوجوانن کي آزاد ۽ رقم توڙي ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي…………………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.