پاڪستان ۽ افغانستان هڪ ٻئي خلاف ڌرتي استعمال ٿيڻ نه ڏين: شاهه محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان پنهنجي ڌرتي هڪ ٻئي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا. ڀورڀن ۾ افغان امن عمل لاءِ لاهور پراسيس جي نالي تي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ اسان امن، استحڪام ۽ گڏيل مستقبل لاءِ گڏ ٿيا آهيون، پاڪستان ۽ افغانستان هڪ جهڙي تاريخ، مذهبي تعلق، ٻولي ۽ ثقافت رکن ٿا،  پاڪستان طرفان افغان مهاجرن کي ڏهاڪن کان پناهه ڏيڻ ڀائيچاري جو نتيجو آهي. هن چيو ته افغانستان سميت پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا، پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حمايت ڪري ٿو،  پاڪستان ۽ افغانستان پنهنجي ڌرتي هڪ ٻئي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏين،  پاڪستان ۽ افغانستان عدم استحڪام ۽ تڪرارن سبب شديد متاثر ٿيا، هڪ ٻئي وچ ۾ عدم استحڪام جو ماحول ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي،  پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن تي ڪنهن کي به بي اعتمادي پيدا ڪرڻ، واويلا يا ناڪاري تاثر پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان کي واپاري، معاشي ۽ اقتصادي معاملن ۾ هر ممڪن مدد ڪنداسين، افغان مهاجرن جي باعزت ۽ محفوظ ڏيهه واپسي جا خواهشمند آهيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.