ٽرين حادثا، ذميوار ڪير

مقبول ملاح

مون کي ياد آهي، جڏهن آئون سائوٿ ڪوريا هڪ هيومن رائيٽس جي حوالي سان ٽريننگ اٽينڊ ڪرڻ ويو هيس ته 20 ڏينهن تائين هلندڙ هن ٽريننگ ۾ دنيا جي 13 ملڪن جي ماڻهن شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ سائوٿ ايشيا جا ملڪ پاڪستان، بنگلاديش، انڊيا، نيپال، سريلنڪا جا هيومن رائيٽس ايڪٽوٽس به شامل هئا، جيڪي طبعيتن هڪ جهڙائي رکندڙ ملڪ آهن. ٽريننگ سائوٿ ڪوريا جي ٻن شهرن سيول ۽ گوائجو ۾ رکي وئي هئي ۽ هر روز جي بنياد تي ٽريننگ سيشن کانپوءِ شهر جي تاريخي ماڳن ڏانهن گهمائڻ لاءِ وٺي ويندا هئا، جنهن دوران اسان اڪثر ٽرين ذريعي ئي سفر ڪندا هئاسين، شهر ۾ هلندڙ ٽرينون انڊر گرائونڊ هيون، جنهن ڪري ٽرين اسٽيشنون به انڊر گرائونڊ ئي رکيون ويون هيون.  آئون جڏهن پهريون ڀيرو اسٽيشن ۾ داخل ٿيو هيس ته يقين ئي نه پئي آيو ته ڪي ٽرين جون اسٽيشنون به ايتريون خوبصورت ٿينديون آهن، اسٽيشن اندر شاپنگ سينٽر، ريسٽورنٽ ۽ وقت اندر ٽرين جو پهچڻ سائوٿ ايشيا جي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ حيرت ڪندڙ هيو. تڏهن مون کي پنهنجي روٽ تي هلندڙ ٽرينون ۽ اسٽيشنون ياد آيون، مون کي ياد آهي ته 80 کان 90 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن روڊ رستي ميهڙ کان حيدرآباد اچڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو هو ته اسان اڪثر رات جو راڌڻ کان ڄامشورو تائين ٽرين تي سفر ڪري ايندا هئاسين، ٽرين ڪڏهن به پنهنجي ٽائيم تي نه ايندي هئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويران اسٽيشنن تي ٽرين جو انتظار ڪندا هئا.

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ جڏهن پبلڪ ٽرانسپورٽ کي جتي بهتر ڪيو پيو وڃي ته جيئن ماڻهو سستو ۽ بهتر سفر ڪري سگهن، اتي پاڪستان ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڏکي ۽ مهانگي ٿيندي پئي وڃي، ٽرانسپورٽ وارا هٿ ٺوڪيا ڪرايا وڌائي ڇڏيندا آهن، پر کانئن ڪير پڇڻ وارو نه هوندو آهي. جڏهن ته ٽرين جو ڪرايو حڪومت جي هٿ وس آهي، پر ٽرين جو سفر ڏکيو ۽ خطرناڪ ٿيندو پيو وڃي، سڄي پاڪستان ۾ چند ريلوي اسٽيشنن کان سواءِ اڪثر اسٽيشنون ويران نظر اينديون آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ڏانهن ٽرينن جو وڃڻ ئي بند ڪيو ويو آهي، پر ريلوي اختياريون اڃان به ان پٽڙين جي مالڪي ڪندي پٽڙين جي ڀر ۾ پنهنجن ٻچڙن کي ڇت ڏيندڙن جا اڪثر گهر پٽ وينديون آهن، ڀلي اتان سالن کان وٺي ٽرين جو گذر ئي نه ٿيندو هجي.

 

ڪراچي کان خاص ڪري پنجاب ويندڙ مين پٽڙي جي اڪثر علائقن وٽان گذرندڙ ڦاٽڪن کي گيٽ ئي ناهن، هڪ رپورٽ موجب سنڌ  ۾ 200 هنڌن تي ريلوي جا ڦاٽڪ ئي ناهن، جنهن ڪري سوين ماڻهو ۽ جانور ٽرين جي ٽڪرن ۾ مري چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته ريلوي ڦاٽڪن کي گيٽ نه هجڻ ڪري اتي گيٽ مين به مقرر ٿيل ناهن، جنهن ڪري ٽرين جي اچڻ دوران گذرندڙن کي ڪير روڪڻ وارو ئي ناهي، جنهن سبب حادثا هر روز جو معمول بڻيل آهن. جيتوڻيڪ وڌندڙ حادثن کي نظر ۾ رکندي سرڪار ريلوي لائين وٽان گذرندڙ رستن تي فوري طور ڦاٽڪ هڻائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر اڃا تائين هڪ به ڦاٽڪ کي گيٽ ناهي لڳايو ويو، ريلوي ڦاٽڪ نه هجڻ سبب سنڌ ۾ هن وقت تائين سوين ماڻهو ٽرينن جي هيٺان اچي حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ ڪروڙين روپين جو چوپايو مال به مري چڪو آهي.

گذريل چند ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ٽرين حادثن ڪري ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن.

  • ڪراچي کان لاهور ويندڙ مال بردار ڪنٽينر ٽرين سان ڀريا روڊ ويجهو غازي ابراهيم شاهه ريلوي ڦاٽڪ وٽ حادثو پيش آيو، جنهن سبب مال گاڏي جون 16 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون، حادثي سبب ريلوي جو اپ ۽ ڊائون ٽريڪ مڪمل طور تي بند ٿي ويا، ٽريڪ بند ٿيڻ سبب مسافر ٽرينن توڙي مال گاڏين کي مختلف ٻين اسٽيشنن تي بيهاريو ويو آهي، جنهن ڪري مسافرن کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو.
  • ڪنڌڪوٽ-بخشاپور اسٽيشن ويجهو ڦاٽڪ تان ڪار جي ڪراس دوران سامهون ايندڙ ٽرين جو ساڻس زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڪار ڊرائيور معجزانه طور بچي ويو.
  • ڀان سيد آباد ڀرسان ريلوي اسٽيشن تي ٽرين مان لهڻ دوران 70 ورهين جي عورت سڪينا شيخ ٽرين هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، عورت ڀان سيد آباد جي رهواسڻ هئي ۽ شاهه پنجو کان واپس موٽي ته حادثو پيش آيو.
  • دادو ڀرسان خداآباد ريلوي اسٽيشن لڳ ڪوٽڙي کان روهڙي ويندڙ خوشحال خان خٽڪ گذري رهي هئي ته کليل ڦاٽڪ کان اوچتو ٽريڪٽر ٽرالي ٽرين سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب ٽريڪٽر ڀڄي ٻه اڌ ٿي ويو.
  • ان کان علاوه هن ئي هفتي هڪ وڏو حادثو ٽنڊوڄام لڳ سپيا ڦاٽڪ وٽ پيش آيو، ڦاٽڪ تي ريلوي ملازم جي غير موجودگي سبب پشاور کان ڪراچي ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس ڦاٽڪ وٽان گذرندڙ هڪ ڪار سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ سرائي مراد علي چانڊيو جو رهواسي مقامي زميندار سرائي اسلم چانڊيو ۽ سندس دوست محمد سچل خاصخيلي ۽ ڊرائيور امير علي انڙ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، رحمان بابا ايڪسپريس، سامهون ايندڙ ڪار کي تقريبن اڌ ڪلو ميٽر تائين گهليندي وئي.

جڏهن ته گذريل ڏينهن حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ڀرسان تمام وڏو حادثو پيش آيو، مسافر ۽ مال بردار ٽرين ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب جناح ايڪسپريس جو ڊرائيور اسلم چانڊيو، اسسٽنٽ ڊرائيور ياسر بشير ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور سيد نعمان فوت ٿي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، خوشقسمتي سان مسافرن کي ڪو به جاني نقصان نه پهتو، مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ۾ ٻئي ٽرينون اپ ٽريڪ تي وڃي هيون ته حادثو پيش آيو، مال گاڏي اڳيان آهستي وڃي رهي هئي ته پويان ايندڙ جناح ايڪسپريس مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، مال گاڏي ڪراچي کان ساهيوال ۽ مسافر ٽرين ڪراچي کان لاهور وڃي رهي هئي. خوفناڪ حادثي سبب 3 کان وڌيڪ بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون. بوگين جي پٽڙي تان لهڻ ڪري علائقي واسين جو پڻ لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، جنهن ۾ چوپائي مال جي مرڻ سميت گهرن کي پڻ نقصان پهتو. حادثو سنگل جو غلط اشارو ملڻ سبب پيش آيو.

ريلوي اختيارين طرفان حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، اسان وٽ هتي پاڪستان ۾ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي يا حادثي کانپوءِ ڪميٽيون ته جوڙيون وينديون آهن، پر ڪڏهن به ڪميٽي ڪو لاڀ حاصل ڪري نه سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪميٽي ٺهڻ معنيٰ واقعي کي لئه مٽي ڪرڻ آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حادثن يا واقعن کانپوءِ ڪميٽي جوڙڻ بجاءِ اسان پنهنجن ادارن کي ايترو بهتر بڻايو جون اهڙا واقعا ئي پيش نه اچن، ان لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ ٽريننگ جي سخت ضرورت آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.