اظهار راءِ جي آزاديءَ کان محروم صحافت

ماريا اسماعيل

صحافت جي حوالي سان پاڪستان جو شمار دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن ۾ ٿئي ٿو، اهڙن ملڪن ۾ صوماليه، شام ۽ برازيل پڻ شامل آهن جن ۾ گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان جو شمار به ڪيو وڃي ٿو، صحافت جي حوالي سان خطرناڪ بڻيل اهڙن ملڪن ۾ صحافين کي انتهائي آسانيءَ سان تشدد، مارڪُٽ ايتري قدر جو کين قتل به ڪيو ويندو آهي. صحافت جي حوالي سان انهن ملڪن ۾ ئي انساني حقن جون بدترين نموني خلاف ورزيون ٿينديون آهن ۽ انهن ئي ملڪن ۾ عوام جا سياسي، سماجي، معاشي ۽ جمهوري حق پائمال ڪيا ويندا آهن جنهن ڪري اتان جو عوام احتجاج ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي ۽ وري صحافي عوام جي اهڙين سياسي سرگرمين کي پريس/ ميڊيا جي مختلف سيڪشنس ۾ ڪور ڪندا آهن جيڪا ڳالهه انهن ملڪن جي سگهارين ڌرين، قوتن ۽ آمر حڪمرانن کي بلڪل به نه وڻندي آهي نتيجي ۾ سموري ڪاوڙ صحافين مان ڪڍندا آهن جو صحافي ئي عوام تي ٿيندڙ سمورين زيادتين ۽ نااصافين کي سڄي دنيا تائين پهچائيندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو معاشري ۾ صحافيءَ جو ڪردار انتهائي اهم ٿي وڃي ٿو.

پاڪستان ۾ صحافين جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم پاڪستان پريس فائونڊيشن جي هڪ رپورٽ موجب نائن اليون کان پوءِ دنيا ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين واڌارو ٿيو آهي. پي پي ايف جي هڪ ٻي رپورٽ موجب صحافين خلاف دهستگرديءَ جي واقعن جا اهڙا امڪان اڳ ئي موجود هيا ته وري گذريل ڏهاڪي کان سندن خلاف مذهبي انتها پسند ڌرين جي ڪاررواين جو پڻ آغاز ٿي چڪو آهي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي انهن ملڪن ۾ جتي مذهبي انتها پسنديءَ جو اثر آهي انهن ملڪن ۾ صحافين کي تشدد ۽ قتل جو نشانو بنايو ويو آهي، جيڪا ڳالهه پڻ صحافين جي تحفظ بابت ڪم ڪندڙ ڌرين ۽ تنظيمن لاءِ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

پي پي ايف موجب پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ صحافين تي ٿيندڙ تشدد، کين قتل ڪرڻ  ۽ سندن گرفتارين ۾ ڳڻتيءَ جوڳو واڌارو ٿيو آهي .هلندڙ سال ۾ هن وقت تائين 48 صحافين کي پنهنجي فرضن جي ادائيگي جي دوران قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي پي ايف جي رپورٽ موجب 18 سالن ۾ پاڪستان ۾ صحافتي ادارن تي گهٽ ۾ گهٽ 32 ڀيرا حملا ڪيا ويا آهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ صحافتي آزادي انتهائي خطري هيٺ آهي خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي ڇڪتاڻ رهي ٿي انهن علائقن ۾ آزاداڻي نموني غير جانبدار بنيادين تي رپورٽنگ ڪرڻ ڪنهن به خطري کان خالي نه آهي.

قائد اعظم جنهن پاڪستان کي تخليق ڪرڻ ٿي گهريو اهو پاڪستان اظهار آزاديءَ جي حوالي سان هڪ مثالي پاڪستان هو. ۽ هو معاشري ۾ اظهار جي آزاديءَ جو پڻ خود هڪ وڏو وڪيل هو. 1913ع ۾ هُن جيڪا امپيريئل ليجيسليٽو ڪائونسل ۾ تقرير ڪئي هُئي ان تقرير ۾ هُن صحافت جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور نموني دليل ڏنا هيا ۽ معاشري ۾ اظهار راءِ جي آزاديءَ کي ختم ڪندڙ هر ڪوشش خلاف ڀرپور نموني دليل دنا هيا. قائداعطم ڊفينس آف انڊيا رولز تحت ممئبي ڪرانيڪل جي ايڊيٽر مسٽر هيور ميمڻ خلاف ڪارروائي جي مذمت ڪئي هئي ۽ 1919ع ۾ به قائد اعطم اخبارن جي آزاديءَ جي خلاف قانون تي ڪائونسل جي ميمبرشپ سان استعفي ڏنو هئي سندس اهڙو عمل يقينن پاڪستاني صحافت جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي .

پي پي ايف جي رپورٽ موجب 22آگسٽ 2016ع تي پريس ڪلب تي ايم ڪيو ايم جي ڌرڻي دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪري ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن ۾ اشتعال ڦهلايو هو جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڌرڻي م شامل ڪارڪنن اي آر وائي چينل، نيو چينل ۽ سما چينل جي ڊي ايس اين جي تي حملو ڪيو ان حملي ۾ صحافي ۽ ڪميرامين زخمي ٿيا جن ۾ نيو چينل جو ڪميرامين ريحان احمد،24 چينل جو عثمان احمد ۽ سما جو ڪميرامين محمدسفير شامل آهي .

سما چينل جي ڪميرامين محمد سفير عوامي آواز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو  ٻڌايو ته احتجاج جي ڪوريج ڪرڻ ته اسان جو ڪم آهي پر ايم ڪيو ايم جي ڌرڻي ۽ جلسي ۾ اڪثر ڪري اهڙيون حالتون ٿينديون هيون جو ڪوريج ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو هو، هُن ٻڌايو ته اڪثر ڪري اهڙن جلسن ۽ جلوسن جي ڪوريج ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي جن جي سياسي ڪارڪنن وٽ سياسي تعليم ۽ تربيت جي ڪافي کوٽ هوندي آهي جنهن ڪري هو نه ته نظم ۽ ضبط ۾ رهندا آهن ۽ نه ئي وري تنقيد برداشت ڪري سگهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت ميڊيا سان به ان ڪري تعاون نه ڪندا آهن جو سندن خيال هوندو آهي ته ميڊيا سندن خلاف ڪوريج ڪري ٿي، جنهن ڪري ماڻهو کائين بدظن ٿين ٿا.

ايم ڪيو ايم واري ڌرڻي ۾ به اهڙي ئي صورتحال هُئي. هن ٻڌايو ته مان معمول جي ڪوريج ڪري رهيو هيس ته اوچتو مظاهرين جيڪي پريس ڪلب تي ڌرڻي ۾ موجود هئا، هنن ڊي ايس اين جي تي حملو ڪري ڏنو. محمد سفير وڌيڪ چيو ته مون کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جنهن ڪري منهنجي ڄنگهه ٽڙڪي پئي. هن ٻڌايو ته بعد ۾ ان وقت جو ڊي جي رينجرز ۽ سنڌ جو وڏو وزير زخمين سان ملڻ آيا پر انهن ڪنهن به قسم جي مالي مدد جو اعلان نه ڪيو. هن چيو ته نه ئي اسان جي اداري ڪو ميڊيڪل الائونس ڏنو. هن چيو زخمي هجڻ جي باوجود مان ڪوريج ڪندورهيس. محمد سفير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ميڊيڪل جو  خرچ مون پاڻ ڪيو ان سلسلي ۾ نه ته پريس ڪلب يا وري ڪنهن تنظيم منهنجي مدد ڪئي ۽ نه ئي وري صحافين لاءِ ڪم ڪندڙ ڪنهن تنظيم ڪنهن به قسم جي امداد ڪئي. هُن جو وڌيڪ اهو به چوڻ هو ته انهيءَ واقعي جو ڪيس ته هلي رهيو آهي پر ان جي پيرويءَ  دوران ڪڏهن به اسان کي عدالت ۾ نه گهرايو ويو آهي.

ان حوالي سان جڏهن قانون واري مشير ۽ سنڌ سرڪار جي ترجمان بئرسٽر  مرتضي وهاب سان رابطو ڪيو ويو ته هن عوامي آواز کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار هڪ قانوني طريقي سان جيڪي صحافي قتل يا زخمي ٿيندا آهن انهن جي مدد ڪندي آهي. هن چيو ته هڪ فارم آن لائن  جمع ڪيو ويندو آهي. بيان ڪيل معلومات جي آڌار تي ڏٺو ويندو آهي ته ڄڻايل صحافي جنهن آن لائن فارم ڀريو آهي اهو ڪهڙي نموني، ڪهڙي واقعي دوران زخمي ٿيو آهي. ڪجهه قانوني ضرورتون پوريون ٿيڻ بعد ان صحافيءَ جي مدد ڪئي ويندي آهي. بئرسٽر مرتضى وهاب صحافين جي گرانٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پريس ڪلب ۽ صحافتي تنظمين کي گرانٽ ڏيندا آهيون .هن چيو ته اسان جاچ ڪري پوءِ متاثرن جي مدد ڪندا آهيون. مرتضى وهاب هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پ پ هڪ جمهوري پارٽي آهي جيڪا صحافت جي آزاديءَ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته اسان جي پارٽي اهڙين حرڪتن جي سخت مذمت ڪندي رهندي آهي جن ذريعي صحافين کي هيسايو ويندو آهي يا انهن تي تشدد ڪيو ويندو آهي ۽ کين پنهنجيون پيشوراڻيون ذميواريون ادا ڪرڻ کان روڪيو ويندو آهي. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته صحافت جي آزادي لاءِ صحافين جون بي پناهه قربانيون آهن جن جو اسان کي قدر آهي .مرتضي وهاب وڌيڪ چيو ته 22 آگسٽ وارو ڪيس دهشتگردي جي عدالت ۾ هلي رهيو آهي ۽ ان جو فيصلو به عدالت پاڻ ئي ڪندي.

جڏهن ته رائٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ2016ع تحت گهروکاتي سان تفصيلن جي لاءِ لک پڙهه ڪئي وئي پر ان جو اڃان ڪو جواب نه مليو آهي.گهروکاتي جي سيڪريٽري ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ به ڪا ڪال ريسور ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه ئي ڪجهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار آهي. (فالو اپ ميل ڪرڻ جي باوجود جواب نه مليو )

ٻئي پاسي گذريل ڏينهن 13۽ 15 جون تي 22آگسٽ ميڊيا حملو ۽ چڙڏيايندڙ ڪيسن جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ عدالت هڪ دفعو ٻيهر ايم ڪيو ايم جي قائد سميت ٻين جي خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڪجهه ڪيس جي ٻڌڻي 20 ۽ ڪجهه جي 27 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .ڪيس ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، قمرمنصور ۽ رئوف صديقي سميت ٻيا پيش ٿيا. ڪجهه ڪيس جيل جي اي ٽي سي ۽ ڪجهه ڪيسن ڪلفٽن جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيا آهن .

ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر محفوظ يار خان جيڪو هن مظاهري ۾ شامل هو پر هو ان ڪيس ۾ نامزد نه آهي ان لاءِ محفوظ يار خان سان رابطو ڪيو ويو ته هن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته 22آگسٽ 2016 ع جي مظاهري ۾ شامل هوس جڏهن فيصلو ڪيو ويو ته ميڊيا هائوسز تي حملو ڪيو ويندو ته مان ان جي مخالفت ڪئي ۽ هنن کي چيو ته ڊي جي رينجرز جي آفيس جي سامهون احتجاج ڪيو وڃي پر منهنجي نه وئي. مان اڪيلو ڊي جي رينجرز جي آفيس جي آڏو ويو هوس .محفوظ يار خان چيو ته اسان 22آگسٽ 2016ع جي واقعي تي شرمسار آهيون .پاڪستان جي جمهوريت ۾ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته ميڊيا هائوسز تي حملو جمهوريت تي حملي جي برابر آهي .هن چيو ته اسان ان واقعي جي هر سطح تي مذمت ڪيون ٿا ۽ ڪنداسين .هن چيو ته ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلي رهيا آهن. هن چيو ته انهيءَ ڪيس ۾ جيڪي عورتون گرفتار ٿيون هيون انهن جي ضمانت ڪرائي وئي هُئي، محفوظ يارخان چيو ته ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن جن جا فيصلا پڻ عدالت جي صوابديد تي آهن اسين سمجهون ٿا ته اهي انصاف تي مبني هوندا.جيڪڏهن اسان جا ماڻهو بي گناهه آهن ته انهن کي قانون موجب پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ پوندي .

ان حوالي سان جڏهن ڪراچي يونين آف جرنلسٽ (برنا) جي صدر حسن عباس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته هن عوامي آواز کي ٻڌايو ته صحافتي تنظيمون جيڪي يونين جون ميمبر آهن انهن جي مالي مدد ڪئي ويندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پريس ڪلب جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا صحافين جي مدد ڪندي آهي .هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سرڪار پاران گرانٽس ملندي آهي جيڪا اسان متاثر ٿيندڙن صحافين کي ڏيندا آهيون .ان گرانٽس جي ڪابه رقم مقرر نه آهي .هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميڊيا هائوسز تي حملو هجي يا صحافين تي حملا هجن ان خلاف احتجاج ڪيو ويندو آهي ۽ عدالت ۾ ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن . پر (22آگسٽ 2016ع جي واقعي واري ڪيس ۾ صحافتي تنظميون عدالت ۾ پيش نه ٿيون آهن ).هڪ سوال جي جواب ۾ حسن عباس ٻڌايو ته جڏهن اسان کي ڪابه درخواست ملندي آهي ته ان جي لسٽ ٺاهي ان کي ايگزيڪٽو ڪائونسل ڏانهن موڪليندا آهيون. ان جا ميمبر ان جي جانچ پڙتال ڪرڻ کان پوءِ جيڪو مناسب هوندو آهي، فنڊ ڏيندي آهي .حسن عباس چيو ته اسان جي يونين ۾ 5ڪروڙن جو مقررفنڊ ڏنو ويندو آهي .ان جو رڪارڊ رکيو ويندو آهي .مگر فنڊ جو وقت نه هوندو آهي جڏهن ملندو آهي ته متاثر صحافين ۾ ورهايو ڪيو ويندو آهي .

ان سرڪاري گرانٽ جي حوالي سان جڏهن ڪراچي يونين آف جرنلسٽ (دستوري)جي صدرطارق ابوالحسن سان رابطو ڪيو ويو ته هن عوامي آواز کي ٻڌايو ته اسان کي سرڪار جي پاران ڪو به فنڊ ياگرانٽس نٿي ملي .هن چيو ته اسان ويليفيئر فنڊ سان جيڪو اسان پاڻ جمع ڪندا آهيون ان سان صحافين جي مدد ڪندا آهيون ان جو ڪوبه رڪارڊ نه آهي .هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي جماعتن جي جلسن ۽ مظاهرن ۾ صحافين ۽ ڪيئميرا مين تي تشدد ٿيندو آهي اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ڳالهه ٻولهه سان معاملن کي طئي ڪيو وڃي .

اظهار جي آزاديءِ لاءِ سياسي جماعتن ۽ سرڪاري ڌر پاران جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي اهو شرم جوڳو عمل آهي .آزادي جو اظهار هر قوم جي ترقي جو بنياد هوندو آهي ان لاءِ صحافتي ادارن تي پابنديون لڳائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ صحافين کي اظهار جي آزاديءَ جو حق ڏيڻ گهرجي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.