نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ) ڪجهه ماڻهو اڪثر ڪري ڏندن جي ڦڪاڻ کان ڏاڍا پريشان هوندا آهن ۽ ڏندن جي صفائي لاءِ ڪيترائي طريقا استعمال ڪرڻ ۽ پئسا پڻ خرچ ڪرڻ باوجود نتيجا ناهن نڪرندا. پر هتي اسين ڏند اڇا ڪرڻ جا ڪجهه ٽوڪٽا هيٺ ڏنل آهن.
(1) ٿورو بيڪنگ سوڍا کڻي ان کي پنهنجي ٽوٿ پيسٽ ۾ هڻو.
(2) هاڻي ان مڪس ٿيل پيسٽ کي ايلومينيم فوائل تي رکو.
(3) ان پيسٽ کي ڏندن تي سٺي طرح لڳايو.
(4) ان کي ڏندن تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ لڳائي رکو.
جيڪڏهن اوهان ان ٽوٽڪي مان مطمئن آهيو ته پوءِ ان کي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا استعمال ڪيو. ڪجهه هفتن کان پوءِ اوهان فرق محسوس ڪندا. ان عمل سان ڏندن کي ڪو نقصان ناهي پهچندو پر جيڪڏهن بار بار استعمال ڪندا ته نقصان ٿي سگهي ٿو.