عمراني سرڪار مخالف ۽ عوام

زلف پيرزادو

تحريڪ انصاف جي سرڪار آخرڪار ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته نه اها ڪانظرياتي ۽ سياسي پارٽي آهي ۽ نه ئي پي ٽي آءِ ۾ حڪومت هلائڻ جي ڪا صلاحيت آهي. نتيجي طور خود پي ٽي آءِ جا وزير ۽ سندن اتحادي به مايوسيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال کي خود عمران خان به محسوس ڪري ورتو آهي ۽ اهو چوڻ تي مجبور آهي ته ڀلي اتحادي ۽ پنهنجا ڇڏي وڃن اڪيلو وڙهندس.

عمران خان جو اهو لهجو دراصل مايوسيءَ جو آخري ڏاڪو آهي. ڇو ته بظاهر سياسي معاملا “نيب” هڪ اداري طور نه پر پارٽي بڻجي هلائي رهي آهي ته ٻئي طرف معاشي مسئلا وري آءِ ايم ايف هلائي رهي آهي نتيجي طور رڳو خواري پي ٽي آءِ جي کاريءَ ۾ پئجي رهي آهي، عوام جي بيزاريءَ کي پي ٽي آءِ ڀوڳي رهي آهي. اهڙي حالت ۾ پي ٽي آءِ جي وزيرن جو پٽڪو ۽ پارٽيءَ پاليسين کان مايوسي ۽ بيزاري فطري عمل آهي. جڏهن ته اتحادين جو مايوس ٿيڻ ۽ مخالف ڌر حال ويجهڙائي به فطري آهي. ڇاڪاڻ ته اتحادي به محسوس ڪري رهيا آهن ۽ ته حڪومت ۾ مال آهي ڪو نه، فيصلا ڪي ٻيا پيا ڪن ان ڪري حڪومت سان وڌيڪ وقت گڏ ويهڻ سان عوام ۾ سندن ساک به خراب ٿي ويندي.

خاص طور سردار اختر مينگل ته حڪومت مان گهڻو مايوس ۽ پريشان نظر اچي رهيو آهي ڇو ته نه سندس سان ڪيل واعدا وفا ٿيا ۽ نه ئي حڪومت عوام ۾ پنهنجي ساک بهتر ڪري سگهي اهڙي سرڪار سان گڏ ويهڻ ۾ هو پنهنجو نقصان ٿيندو ڏسي رهيو آهي. ان ڪري وڃي فضل الرحمان سان مليو آهي. سياسي چرپر مان محسوس ٿي رهيو آهي ته مخالف ڌر شعوري طور تي حڪومت مخالف عوامي ردعمل جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿي اهو وقت ٻڌائيندو پر عمراني سرڪار لاءِ بهرحال پريشانيون وڌي رهيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جهڙي طرح وينزويلا کي ويهاري ڇڏيو ساڳي طرح هاڻ پاڪستان به آءِ ايم ايف جو شڪار بڻجي رهيو آهي. ان ڪري آءِ ايم ايف جي تيار ڪيل بجيٽ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.

عوام جي سرڪار کان بيزاري ۽ مخالف ڌر جون سرگرميون حالتن کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃن ٿيون اهو شايد ڪجهه مهينن ۾ واضح ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته بهرحال عمراني سرڪار جي پاليسين خاص طور مهانگائيءَ جي آيل ۽ وري ايندڙ طوفان عوام کي مايوس ۽ بيزار ڪري ڇڏيو آهي. 10 مهينن اندر عوام جي ڀلائيءَ جو ڪو به ڪم نه ٿي سگهيو آهي. ان ڪري عوام ته عمراني سرڪار کي شايد هاڪاري موٽ نه ڏئي باقي مخالف ڌر حالتن جو ڪيترو فائدو وٺي ٿي سگهي شايد ويجهي مستقبل ۾ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.