40 ڪروڙ فيسبڪ واهپيدارن جا فون نمبرز آن لائين ليڪ ٿي ويا

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي مشهور ويب سائيٽ فيسبڪ جي پرائيويسي جو هڪ ٻيو اسڪينڊل سامهون اچي ويو جنهن ۾ 40 ڪروڙ کان وڌيڪ اڪائونٽس سان سلهاڙيل فون نمبرز آن لائين ليڪ ڪيا ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب منظر  عام تي آيل هاڻوڪي اسڪينڊل جي حوالي سان خبر پئي ته سرور ۾ 40 ڪروڙ 90 لک واهپيدارن جا نمبرز ۽ ٻيو  ڊيٽا بيس محفوظ هيو.

ان ڊيٽا بيس ۾ فيسبڪ واهپيدارن جون آئڊيز، هر اڪائونٽ سان لاڳاپيل انگ اکر، پرفائيل ۾ استعمال ٿيل نمبرز، واهپيدارن جي صنف ۽ ايڊريس به شامل هئي.

انهن مان 13 ڪروڙ 30 لک اڪائونٽس آمريڪا، 5 ڪروڙ اڪائوٽس ويٽ نام، هڪ ڪروڙ 80 لک اڪائونٽس برطانيا سان واسطو رکندڙ هئا.

فاش ٿيل سرور  کي پاسورڊ نه لڳل هو جنهن جو مطلب هر ڪو ڊيٽا بيس تائين پهچ حاصل ڪري سگھي پيو ۽ اهو ان وقت تائين آن لائين رهيو جيستائين ٽيڪنالوجي جي ويب سائيٽ ٽيڪ ڪرنچ هنن سان رابطو نه ڪيو.

هي به ڏسي سگھو ٿا: فيسبڪ ميسينجر واهپيدارن کي ڌڪ ڏئي ڇڏيو

ٻئي پاسي فيسبڪ رپورٽن ان جي ڪجهه حصن جي تصديق ڪئي پر منظر عام تي آيل اڪائونٽس جو انگ گھٽ ٻڌائيندي چيو ته هن وقت تائين تصديق ٿيل اڪائونٽس جو انگ 41 ڪروڙ 90 لک آهي.

فيسبڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته گھڻيون اينٽريز ڊبل هيون ۽ هنن جو ڊيٽا پراڻو هو.

فيسبڪ ترجمان پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڊيٽا بيس کي هٽايو ويو اهي ۽ اسان کي اهڙو ڪو به ثبوت ناهي مليو جنهن تحت فيسبڪ اڪائونٽ خطري آيو هجي.

You might also like