جلال آباد ۾ پاڪستاني قونصل خاني ٻاهران ڌماڪو

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ پاڪستاني قونصل خاني ڀرسان چيڪ پوسٽ تي ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان جي سرحدي صوبي ننگرهار جي شهر جلال آباد ۾ پاڪستاني قونصل خاني ڀرسان چيڪ پوسٽ تي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 شهري ۽ هڪ افغان فوجي اهلڪار زخمي ٿي پيو.

افغان پوليس چيف 4 زخمين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڌماڪو روڊ ڪناري رکيل هڪ گلدان ۾ ٿيو.

ذريعن موجب ڌماڪو پاڪستاني قونصل خاني کان 2 سئو ميٽر پري چيڪ پوسٽ تي ٿيو پر ان ۾ پاڪستاني سفارت خاني جو سمورو عملو محفوظ رهيو.

ان ڏس ۾ پاڪستاني پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل جو هڪ ٽوئيٽ ۾ چوڻ هو ته جلال آباد ۾ پاڪستاني قونصل خاني ٻاهران ڌماڪو ٿيو آهي، جڏهن ته قونصل خاني جو سمورو عملو محفوظ رهيو.

سندس چوڻ هو ته ڌماڪي ۾ 2 درخواست گذار ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيو آهي، قونصل خاني جون حدون ۽ عملي جي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ افغان اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.

You might also like